اسپيس ايڪس جو راڪيٽ چنڊ سان ٽڪرائجي ويو، ڌرتي کي خطرو؟

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي خلائي ڪمپني اسپيس ايڪس جي راڪيٽ فالڪن 9 جو مٿيون حصو امڪاني طور چنڊ سان ٽڪرائجي ويو آهي.
رپورٽن موجب، راڪيٽ جو هي حصو لڳ ڀڳ پنج ماڙ عمارت جيترو وڏو ۽ گهٽ ۾ گهٽ 4 هزار ڪلوگرام وزني هو، جيڪو ٽڪرائجڻ کان اڳ لڳ ڀڳ 2.43 ڪلوميٽر في سيڪنڊ (اٽڪل 5400 ميل في ڪلاڪ) جي رفتار سان مدار ۾ گردش ڪري رهيو هو.
هي راڪيٽ جنوري 2025ع ۾ آمريڪا ۽ جپان جي گڏيل خلائي مشن تحت لانچ ڪيو ويو هو، جنهن جو مقصد ٻن خلائي گاڏين کي زمين جي مدار مان ڪڍي چنڊ ڏانهن روانو ڪرڻ هو.
مشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ راڪيٽ جو مٿيون حصو خلا ۾ ئي گردش ڪندو رهيو، جڏهن ته گذريل 18 مهينن دوران چنڊ ۽ سج جي ڪششِ ثقل سبب ان جو رستو تبديل ٿيندو رهيو ۽ نيٺ اهو چنڊ سان ٽڪرائجڻ جي رستي تي اچي ويو.
ماهرن موجب، ٽڪرائجڻ واري هنڌ تي ڪو به خلائي جهاز موجود نه هو، تنهنڪري سڌيون تصويرون حاصل نه ٿي سگهيون.
سائنسدان هاڻي ٽڪرائجڻ کان اڳ ۽ پوءِ جون تصويرون ڀيٽي نئين ٺهيل کڏ يا ٻين نشانين جو جائزو وٺندا.
فلڪياتي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هن واقعي جو حقيقي سائنسي فائدو هڪ هفتي کانپوءِ سامهون ايندو، جڏهن متاثر ٿيل علائقي جون تفصيلي تصويرون ۽ ڊيٽا جو تجزيو مڪمل ٿيندو، جنهن سان چنڊ جي مٿاڇري تي ٽڪراءَ جي اثرن ۽ مستقبل جي خلائي مشنن بابت اهم ڄاڻ حاصل ٿيندي.
ناسا ترجمان جيمي رسل چيو آهي ته اداري جا سائنسدان ٽڪرائجڻ واري هنڌ جو مشاهدو جاري رکندا، پر ڌرتي کي ان واقعي مان ڪنهن به قسم جو خطرو ناهي.
ٻئي پاسي يونيورسٽي آف ڪيمبرج جي فلڪياتي جي ماهر ڊاڪٽر ميٽ بوٿويل چيو ته”هي هڪ تمام وڏي شيءِ آهي جيڪا چنڊ سان ٽڪرائي رهي آهي، پر ان سان ڪنهن به قسم جو خطرو ناهي، اسان رڳو هن واقعي جو مشاهدو ڪري سگهون ٿا.“

You might also like