نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا تبو، جنهن جو اصل نالو تبسم جمال هاشمي آهي، پنهنجي شخصي حقن جي تحفظ لاءِ دهلي هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اداڪارا ڊجيٽل پليٽ فارمز تي پنهنجي نالي، تصوير، سڃاڻپ، چهري جي مشابهت ۽ شخصيت سان لاڳاپيل ٻين خاصيتن جي مبينا غير ضروري استعمال خلاف قانوني تحفظ گهري ورتو آهي.
واضح رهي ته شخصي حق، جن کي پبلسٽي رائٽس به چيو ويندو آهي، ڪنهن به فرد کي پنهنجي نالي، تصوير، آواز، انداز يا ٻين سڃاڻپ وارن عنصرن جي تجارتي استعمال تي اختيار ڏين ٿا ۽ انهن جي غير قانوني يا بنا اجازت استعمال کان تحفظ فراهم ڪن ٿا.
درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته مختلف ويب سائيٽس، سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ۽ اي ڪامرس پورٽلز تي سندس سڃاڻپ ۽ شهرت جو بنا اجازت استعمال ڪندڙ فردن ۽ ادارن خلاف مناسب ڪارروائي ڪئي وڃي.
رپورٽن موجب، هٿرادو ڏاهپ واري ٽيڪنالوجي (اَي آءِ ) ، ڊيپ فيڪ وڊيوز ۽ ڊجيٽل جعلسازي جي وڌندڙ رجحان سبب مشهور شخصيتون پنهنجي نالي، تصوير ۽ آواز جي غير ضروري استعمال خلاف عدالتن سان رابطو ڪري رهيون آهن.
هن ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس جيوتي سنگهه ڪئي، جنهن دوران تبو جي وڪيل کي هدايت ڪئي وئي ته لاڳاپيل ڌرين بابت مڪمل ۽ درست تفصيلن سان نئين فهرست پيش ڪئي وڃي، جڏهن ته ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 6 آگسٽ تي مقرر ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته دهلي هاءِ ڪورٽ ان کان اڳ به ڪرڪيٽر اڀيشيڪ شرما، يووراج سنگهه، سياستدان ششي ٿرور، اداڪار پون ڪلياڻ، فلمساز ڪرن جوهر ۽ اداڪارا ايشوريا راءِ بچن جي شخصي حقن بابت به تحفظ وارا حڪم جاري ڪري چڪي آهي.