تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سرڪاري خابرو اداري باخبر ذريعي جي حوالي سان چيو آهي ته آبناءِ هرمز مان جهازراني جي بحالي بابت عمان سان جاري ڳالهيون مڪمل طور ايران ۽ عمان جي وچ ۾ آهن ۽ انهن جو آمريڪا سان ڪو به تعلق ناهي.
عملدار موجب، جيڪڏهن آمريڪا طرفان ڀڃڪڙيون جاري رهيون ته ايران ۽ عمان وچ ۾ معاهدو ٿيڻ باوجود آبناءِ هرمز فوري طور نه کوليو ويندو.
هن چيو ته هرمز ۾ جهازن جي اچ وڃ جي بحالي جو دارومدار آمريڪي رويي ۾ تبديلي ۽ ڀڃڪڙين جي ازالي تي هوندو.
آبناءِ هرمز بابت عمان سان ڳالهيون رڳو ٻطرفيون آهن، آمريڪا سان ڪو واسطو ناهي: ايران
You might also like