جنيوا (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ چيو آهي ته ايران ۾ 19 مارچ کان هنيئر تائين قومي سلامتي سان لاڳاپيل الزامن هيٺ گهٽ ۾ گهٽ 56 ڄڻن کي ڦاهي ڏني وئي آهي.
هڪ بيان ۾ هن چيو ته سرڪاري انگن اکرن موجب، ڦاهي ڏنل ماڻهن مان 27 ڄڻن جا ڪيس جنوري ۾ ٿيل احتجاجي مظاهرن سان لاڳاپيل هئا.
وولڪر ترڪ موجب، جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ ايران ۾ موت جي سزا ٻڌائڻ ۽ ان تي عملدرآمد جي شرح ۾ نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
هن ايراني اختيارين تي زور ڀريو ته سمورين سزائن تي فوري پابندي لاڳو ڪئي وڃي ۽ هوريان هوريان موت جي سزا جي مڪمل خاتمي ڏانهن اڳڀرائي ڪئي وڃي.