فلسطين ايران جي پرڏيهي پاليسي ۾ سڀ کان مٿانهين حيثيت رکي ٿو: مسعود پزشڪيان

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان حماس جي سياسي بيورو جي نئين چونڊيل سربراهه خليل الحيه سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.
ايراني ميڊيا موجب، صدر پزشڪيان ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته”فلسطين ايران جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۾ سڀ کان مٿانهين حيثيت رکي ٿو.“
واضح رهي ته خليل الحيه تازو ئي حماس جي سياسي بيورو جو سربراهه چونڊيو ويو آهي.
ياد رهي ته 7 آڪٽوبر 2023ع تي اسرائيل تي حملي کانپوءِ حماس مسلسل اسرائيلي فوجي ڪاررواين کي منهن ڏئي رهي آهي، جن دوران تنظيم جا ڪيترائي سينيئر اڳواڻ مارجي چڪا آهن.
حماس جي اڳوڻي سياسي بيورو سربراهه اسماعيل هنيه ٻه سال اڳ تهران ۾ صدر مسعود پزشڪيان جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت دوران هڪ حملي ۾ مارجي ويو هو.

You might also like