القدس تي اسرائيلي والار جي مذمت، پاڪستان جو آزاد فلسطيني رياست جي قيام تي زور

عمان (ويب ڊيسڪ) اردن جي راڄڌاني عمان ۾ القدس بابت وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار والاريل فلسطيني علائقن، خاص طور اوڀر القدس ۽ اولهه ڪناري جي بگڙجندڙ صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
هن مسجد اقصيٰ ۾ مبينا ڀڃڪڙين، اسرائيلي وسندين واڌ، آبادڪارن جي تشدد ۽ مقدس ماڳن جي تاريخي ۽ قانوني حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوششن جي سخت مذمت ڪئي.
اسحاق ڊار القدس ۾ اسلامي ۽ عيسائي مقدس ماڳن تي اردن جي هاشمي سرپرستي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو جو عزم ورجائيندي چيو ته والاريل اوڀر القدس تي اسرائيل جي ڪنهن به قسم جي خودمختياري قبول نٿي ڪري سگهجي.
پرڏيهي وزير عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو.
هن غزا ۾ جنگبندي برقرار رکڻ، تڪرار جي خاتمي لاءِ گڏيل منصوبي تي عمل، انساني امداد جي بنا رنڊڪ فراهمي ۽ فلسطيني عوام جي تحفظ لاءِ عرب ۽ اسلامي ملڪن جي گڏيل سفارتي ڪوششن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي به زور ڀريو.
اسحاق ڊار فلسطيني مقصد لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت جو عزم ورجائيندي چيو ته خطي ۾ منصفاڻو، گڏيل ۽ پائيدار امن جو واحد رستو هڪ آزاد، خودمختيار، عمل جوڳو ۽ جاگرافيائي طور ڳنڍيل فلسطيني رياست جو قيام آهي، جيڪا جون 1967ع کان اڳ وارين سرحدن تي ٻڌل هجي ۽ القدس الشريف ان جي گادي جو هنڌ هجي.

You might also like