ڪراچي (ويب ڊيسڪ)وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ عوامي ڀلائي، صحت، انصاف ۽ مزدورن جي حقن بابت ڪيترن ئي اهم فيصلن جي منظوري ڏني وئي.
سنڌ ڪابينا پيپلز ڪميونٽي هيلٿ سروسز ڪمپني جي مالي سال 2026-27ع جي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ڪابينا ڪمپني لاءِ 20 ڪروڙ رپيا شروعاتي سرمايي طور فراهم ڪرڻ جي به منظوري ڏني، جڏهن ته 2 ارب 72 ڪروڙ 30 لک رپين جي گرانٽ پڻ منظور ڪئي وئي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پيپلز ڪميونٽي هيلٿ سروسز ڪمپني جو مقصد ڪميونٽي سطح تي بنيادي صحت جون سهولتون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت صحت جي سهولتن کان محروم آبادي تائين بنيادي طبي خدمتن جي پهچ کي وڌيڪ وسيع ڪندي.
سنڌ ڪابينا سحر افتخار خان کي پيپلز ڪميونٽي هيلٿ سروسز ڪمپني جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) مقرر ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني، جڏهن ته ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ مستقبل ۾ ٿيندڙ بدلين جي منظوري جو اختيار وڏي وزير سنڌ کي ڏنو ويو.
اجلاس ۾ دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 1997ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي منظوري پڻ ڏني وئي، جڏهن ته انسداد دهشتگردي (ترميمي) ايڪٽ 2025ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن جي به منظوري ڏني وئي.
وڏي وزير جي ترجمان موجب، اهي ترميمون منظوري لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيون وينديون.
ڪابينا کي بريفنگ ڏني وئي ته انهن ترميمن جو مقصد دهشتگردي ٽوڙ عدالتن جي انتظامي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ آهي، جڏهن ته وڏي وزير چيو ته حڪومت دهشتگردي سان لاڳاپيل ڪيسن جا جلد فيصلا يقيني بڻائڻ لاءِ قانوني نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائي رهي آهي.
سنڌ ڪابينا پورهيتن گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ 7.5 سيڪڙو واڌ جي به منظوري ڏني.
ترجمان موج، نئين گهٽ ۾ گهٽ اجرت پهرين جولاءِ 2026ع کان لاڳو هوندي.
فيصلي تحت غير هنرمند مزدور جي گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت 40 هزار رپين مان وڌائي 43 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته نيم هنرمند، هنرمند ۽ اعليٰ هنرمند پورهيتن جي اجرتن ۾ به مناسب واڌ جي منظوري ڏني وئي.
ترجمان موجب، نئين اجرتن جو اطلاق سنڌ جي سمورن نوٽيفائيڊ صنعتي ۽ تجارتي ادارن تي ٿيندو.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پورهيتن جي ڀلائي، بهتر معاشي تحفظ، صحت جون سهولتون ۽ انصاف جي فراهمي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته صحت، انصاف ۽ مزدورن جي ڀلائي بابت اهم فيصلا سنڌ ڪابينا مان منظور ڪيا ويا آهن.
سنڌ ڪابينا اجلاس:پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 40 هزار مان وڌائي 43 هزار رپيا ڪرڻ جي منظوري
Prev Post
You might also like