پهرين سياست کي آزاد ڪرايو پوءِ مڪاني نظام جي اختيارن جي ڳالهه ڪريو

لاهور(عوامي آواز نيوز)سينئر صحافي مظهر عباس چيو آهي ته اسان ڪهڙو بحث ڪري رهيا آهيون؟ جنهن ملڪ ۾ وزيراعظم کي اختيار ناهي، ان ملڪ ۾ اسان بلدياتي ادارن جي اختيارن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون! اسان هر ڪجهه سالن کان پوءِ هڪ غلام محمد کي ڳولڻ نڪري پئون ٿا، هر چند سالن کان پوءِ ڪنهن اسڪندر مرزا کي ڳوليندا آهيون.لاهور ۾ قومي مذاڪري کي خطاب ڪندي هن چيو ته  ون يونٽ جي به سنڌ جڏهن مخالفت ڪئي، ته ايوب ڪهوڙي جنهن کي نااهل قرار ڏنو ويو هو، ان کي ٻيهر وڏو وزير بڻايو ويو. ۽ پوءِ ان جيڪو اسيمبليءَ جو اجلاس گهرايو، اهو دربار هال حيدرآباد ۾ گهرايوهو،يعني سنڌ اسيمبليءَ ۾ اهو اجلاس نه ٿيو هو! دربار هال حيدرآباد ۾ گهرائي اها قرارداد منظور ڪرائي وئي، ۽ جنهن مخالفت ڪئي ان کي کنڀرايو ويو،هن چيو ته اسان کي اهي طئي ڪرڻو پوندو ته هن ملڪ ۾ بلدياتي نظام هجي، سياسي نظام هجي، يا جمهوري نظام هجي اهي انهن ماڻهن جو مسئلو آهي جيڪي عوام جا چونڊيل نمائندا  آهن. اهي انهن ماڻهن جو مسئلو ناهي جن کي سياست ۾ حصو وٺڻ جي آئيني طور، خود انهن جي پنهنجي ڪوڊ ۾ اجازت ناهي! ته پهرين اهي طئي ڪن ته هن ملڪ ۾ هو ڪهڙو نظام چاهين ٿا؟هن چيو ته سياسي جماعتن کي هن ملڪ ۾ سياست جي آزاديءَ جي ضرورت آهي، اختيار جي ضرورت آهي، سياسي جماعتن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇو جو اگر توهان جيڪي ڳالهيون ڪري رهيا آهيو اهي درست به آهن۽ مان بلڪل بااختيار بلدياتي ادارن ۽ بااختيار نظام جي ڳالهه ڪريان ٿو پر اهي به ته سياسي جماعتون ئي کڻي اينديون نا؟ يا اسان ڪنهن غير جماعتي فارمولي ڏانهن وڃي رهيا آهيون، جيئين اسان 79ع ۾ ويا هئاسين؟هن چيو ته جيترا به اسان بااختيار بلدياتي ادارن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، صوبن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، ان ۾ سياسي جماعتن جا ئي ته نمائندا هوندا! ته اها ڳالهه واضح هجڻ گهرجي ته اسان اهي هر چند سالن کان پوءِ ڇو بحث شروع ڪري ڏيندا آهيون؟هن چيو ته سنڌ جي جيڪا حساسيت   آهي، اها پنهنجي جڳهه تي آهي. شهري ۽ ٻهراڙيءَ جي ورهاست  آهي، ان جي به ذرا تاريخ جو مطالعو ڪري وٺون ته اسان کي خبر پئجي ويندي ته اها ڪهڙي طريقي سان هڪ مصنوعي   انداز ۾ ٺاهي وئي.هن چيو ته اسان کي اهي طئي ڪرڻو پوندو ته اسان هاڻي هڪ سسٽم کڻي آيا آهيون منهنجو ته ڏاڍو سڌو سوال آهي ته هن ملڪ ۾ توهان ڪهڙي جمھوريت چاهيو ٿا؟طئي ڪري وٺو! هينئر ڪجهه سال اڳ توهان ‘هائبرڊ سسٽم’ نالي ڪا شيءِ کڻي آيا، هاڻي اها به توهان کي سٺي نٿي لڳي! ته هاڻي هڪ نئين ماڊل جي بحث ۾ وڃي رهيا آهيو،هن چيو ته . توهان ٻن خاندانن جي ڳالهه ڪئي؛ هڪ خاندان کي توهان صرف شهادتون ڏنيون آهن، ٻئي خاندان کي توهان ڪڏهن عمر قيد ڏئي ڇڏيندا آهيو. جن کي توهان بڇڙو چئو ٿا ۽ سڀني کان بڇڙو چورايو ٿا، انهن کي ئي ٻيهر واپس آڻي سڀ اختيار ڏئي ڇڏيندا آهيو!هن چيو ته جنهن ملڪ ۾ عدالت معطل هجي، سياست معطل هجي، سياستدان معطل هجي، اتي اسان بااختيار بلدياتي ادارن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون! بااختيار بلدياتي نظام جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون! پهرين اسان سياست کي ته آزاد ڪريون!هن چيو ته ڇا اسان کي خبر ناهي ته هن وقت ميڊيا جي ڪهڙي حالت آهي؟ اسان ڪهڙي جمھوريت جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون؟ اسان ڪهڙي سسٽم جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون؟ ڪيئن توهان بااختيار بلدياتي ادارا ٺاهيندؤ؟هن چيو ته جيستائين توهان آئين جي بالادستي نه مڃيندا هي بحث اجايو آهي،ڇو جو هتي عدليه پاران ملڪ جو آئين ٽوڙيو ويو ۽ ان کي قانوني تحفظ   ڏنو ويو! صرف قانوني تحفظ نه ڏنو ويو، توهان چيو ته اگر توهان چاهيو ته آئين ۾ وڌيڪ ترميمون به ڪري سگهو ٿا! اهي ته توهان جو مائنڊ سيٽ  آهي.هن چيو ته 79ع ۾ توهان ڀٽي جي ڦاهيءَ کان پوءِ غير جماعتي بنيادن تي چونڊون ڪرايون. ڇا توهان انهن کي بااختيار  ڏنو؟ نه ٿيو!توهان پوءِ 85ع ۾ غير جماعتي نظام کڻي آيا، توهان سياسي سسٽم کي برادرين ۾ ورھائي ڇڏيو. اهو ڪنهن ڪيو؟85ع ۾ هڪ وزيراعظم اچي ٿو، اهو چوي ٿو ته جمھوريت ۽ مارشل لا گڏ نٿا هلي سگهن، توهان ان کي گهر موڪلي ڇڏيو!88ع ۾ هڪ پارٽي اليڪشن کٽي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان اچي رهي هئي، توهان ‘اسلامي جمھوري اتحاد’ ٺاهي ڇڏيو ٿا هن چيو ته پهرين ته طئي ڪري وٺو ته توهان کي  سسٽم ڪيئن هلائڻو آهي؟ ن صدارتي نظام آڻڻو آهي، پارلياماني نظام آڻڻو آهي، يا توهان صرف بلدياتي نظامن کي مضبوط ڪري غير جماعتي بنيادن تي ڪرڻو آهي؟ اهي طئي ته ڪري وٺو!اهو نه ڪريو ته هڪ شوشو ڇڏي غيريقيني جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو،اهو نه ٿيڻ گهرجي ته توهان بلوچستان جي مسئلي تان ڌيان هٽائڻ  لاءِ بلدياتي ادارن جي بحث ڇيڙي ڇڏيو توهان آزاد ڪشمير  جي مسئلي تان ڌيان هٽائڻ لاءِ صوبن جي اها بحث ڇڏي ڏيو!هن چيو ته محسن نقوي به ڪاڪروچ جو مثال ڏنو ته ڪاڪروچ به پنهنجي مرضيءَ جا آڻڻ چاهين ٿا؟ اهي ڪاڪروچ پنهنجي مرضيءَ جا ناهن ايندا، هن چيو ته توهان شاگرد يونينن ( تي پابندي لڳائي،

You might also like