اسلام آباد( اعزاز سيد+آصف بشير چوڌري)وفاقي وزير محسن نقوي نون صوبن جي ڳالهه ڪري هڪ ٿرٿلو مچايو هو ان کانپوءِ نون ليگ ۽ محسن نقوي جو هڪ بحث هلي رهيو هو، پر طاقتور شخصيتن ملڪ هلائڻ لاءِ نئين خاڪي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي،جنهن مطابق ملڪ ۾ 33 انتظامي يونٽ ٺاهيا ويندا،هڪ اسلام آباد آهي، 32 نوان صوبا بڻجندا،پنجاب ۾ 10 نوان صوبا بڻجندا،سنڌ ۾ 7 صوبا ٺاهڻ جي تجويز آهي. ان ئي طرح ڪي پي ۾ 7 صوبا ۽ بلوچستان ۾ 8 صوبا بڻجندا. پنجاب ۾ لاهور هڪ صوبو، فيصل آباد ملتان، بهاولپور، ڊيرا غازي خان، گجرانوالا، راولپنڊي، سرگوڌا، ساهيوال، گجرات صوبا بڻجندا، هر صوبي جي اندر جيڪي ضلعا ضم (Merge) ٿيندا، انهن جا تفصيل به آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، ميرپورخاص ۽ ٻه صوبا جيڪي مختلف آهن،ڀنڀور (جنهن ۾ ٺٽو، سجاول ۽ بدين جا علائقا هوندا) ۽ ٻيو شهيد بينظير آباد (جنهن ۾ شهيد بينظير آباد، سانگهڙ ۽ نوشهرو فيروزشامل هوندا،ٻئي پاسي خيبرپختونخوا۾ پشاور، مالاڪنڊ، هزاره، مردان، ڪوهاٽ، ڊي آءِ خان ۽ بنون کي صوبا بڻائڻ جي تجويز آهي،بلوچستان ۾: ڪوئٽا، قلات، نصير آباد، مڪران، سبي، رخشان (ان ۾ نوشڪي، چاغي، خاران ۽ واشڪ هوندا)، ۽ ان کان علاوه لورالائي صوبو بڻجندو،بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هن وقت پاڪستان ۾ 4 صوبن ۾ 241.5 ملين آبادي آهي ۽ غير ترقياتي خرچ جيڪي آهن اهي 6,877 ارب رپيا آهن. ۽ اسان جو هر صوبو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان وڏو آهي.پنجاب دنيا جي 182 ملڪن کان وڏو آهي. سنڌ دنيا جي 162 ملڪن کان وڏو آهي. خيبر پختونخوا دنيا جي 152 ملڪن کان وڏو آهي. ۽ بلوچستان به دنيا جي 172 ملڪن کان وڏو آهي.ته هي ٻڌايو ويو آهي ته اگر اسان نوان صوبا ٺاهيون ٿا، ته ٺاهڻ ڇو ضروري آهن؟ ته دنيا ۾ ايڏا وڏا صوبا ڏاڍا گھٽ آهن. ان کان علاوه هي به ٻڌايو ويو ته پاڪستان جا جيترا به صوبا آهن، هي ملڪ آهن چين ۽ انڊيا، انهن جا به تمام صوبا اسان جي هڪ هڪ صوبي کان ننڍا آهن. يعني اسان جو سڀ کان ننڍو صوبو به چين يا انڊيا جي ڪنهن به صوبي کان وڏو آهي. صحافين کي ڏنل بريفنگ ۾ هي ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن توهان هي صوبا ٺاهيندا ته توهان ڏاڍا پئسا بچائي سگهندا. توهان جا 26 ملين يا 2.6 ڪروڙ ٻار اسڪول نٿا وڃن. ان ئي طرح 5 سالن کان ننڍا 40 سيڪڙو ٻار اهڙا آهن جيڪي غذائي کوٽ جو شڪار آهن، جن جي مناسب واڌ ويجھه نٿي ٿئي.انساني ترقيءَ (Human Development) جي حوالي سان پاڪستان 193 ملڪن مان 168 نمبر تي آهي. بک جي لحاظ کان 123 ملڪن ۾ اسان 106 نمبر تي آهيون. قانون جي بالادستي (Rule of Law) جي لحاظ کان 143 مان 130 نمبر تي آهيون. پاڪستان جي 55 سيڪڙو ماڻهن کي صاف پاڻي ميسر ناهي. اسان 0.8 سيڪڙو صحت تي خرچ ڪري رهيا آهيون، ٻارن کي ويڪسينيشن تائين نٿا ڪرائي سگهون. هي سڀ مسئلا آهن جيڪي گڏيل آهن، چئن ئي صوبن جي اندر هي سڀ مسئلا موجود آهن،هي بريفنگ بنيادي طور تي ان لاءِ ٺاهي وئي آهي ته جڏهن توهان انتظامي يونٽ ٺاهيندا، صوبا ننڍا ڪندا، ته توهان ان سڀني صوبن ۾ بهتري آڻي سگهندا.جڏهن ته چئن ئي صوبن جي هاءِ ڪورٽن بابت جيڪا تجويز آهي ان ۾ ته پاڪستان ۾ 32 هائي ڪورٽس قائم ڪيون وينديون، ۽ 33هين اسلام آباد هائي ڪورٽ هوندي،هاڻي پنجاب جا جيڪي 10 صوبا هوندا، ان 10 صوبن ۾ 61 جج لڳايا ويندا. سنڌ جي 7 صوبن ۾ 40 جج مقرر ڪيا ويندا. ڪي پي جي 7 صوبن ۾ 21 جج مقرر ڪيا ويندا. بلوچستان جي 8 صوبن ۾ 15 جج مقرر ڪيا ويندا. آبادي ۽ رقبي جو جيڪو ميلاپ آهي ان جي بنياد تي هي فيڊريٽنگ يونٽ بڻجي ويا آهن. ۽ 137 هاءِ ڪورٽ جا جج هوندا هن وقت عدليه جو خرچ 56 ارب 11 ڪروڙ رپين جو بجيٽ آهي.پوءِ هر هائي ڪورٽ ۾ ماڻهو آهن. 40,365 پوسٽون ان جي اندر گھٽ ٿينديون ۽ 24 ارب 32 ڪروڙ رپين جو ٽوٽل ڪاٿو رهجي وين ٻئي پاسي عدليه جي حوالي سان پريشان ڪندڙ صورتحال هن وقت پاڪستان منهن ڏئي رهيو آهي، هن وقت پاڪستان ۾ ضلعي عدليه اندر تقريبن 23 لک ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن.ان کان علاوه فنانس، تعليم،، بلڊنگ (جنهن ۾ روڊ ۽ پلون آهن)، زراعت، لائيو اسٽاڪ، ڪوآپريٽو، سوشل ويلفيئر، ليبر، پلاننگ، هوم ڊپارٽمينٽ، ايريگيشن. سميت 40 کاتا صوبن وٽ هوندا، پنجاب ۾ 294 ايم پي ايزآهن. ته هي 294 ئي ايم پي ايز رهندا ڇو جو آباديءَ جي حساب سان آهن. صرف اهي پنهنجي پنهنجي صوبي جي اسيمبليءَ جي اندر هليا ويندا هن وقت پنجاب اسيمبليءَ ۾ 1,565 پوسٽون آهن. جڏهن توهان 10 اسيمبليون ٺاهيندا ته ان ۾ ماڻهو گھٽ ٿي 746 رهجي ويندا.اسيمبلين جو تعداد وڌي رهيو آهي، پر جيڪي غير ضروري پوسٽون ختم ڪيون وينديون،۽ 3,222 ملين رپين جي سالياني بچت ٿيندي، 44 سيڪڙو سالياني بچت ٿيندي صرف پنجاب جي حد تائين، جيڪا تجويز ڪيل آهي. جڏهن ته جيستائين قانون ۽ آئين ۾ ترميم نٿي اچي نوان صوبا نٿا ٺهي سگهن اهو به چيو پيو وڃي ته جيڪي نوان انتظامي يونٽ ٺهندا، ان سان هڪ نئين سياسي قيادت اڀرندي. سياسي خاندانن جي اجاراداري ۾ ڪمي ايندي، نئين قيادت ايندي، ماڻهن کي مقامي طور تي پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.۽ هي جيتري به تقسيم آهي، هي نه لساني بنيادن تي هوندي، نه نسلي بنيادن تي هوندي. هي انتظامي بنيادن جي تقسيم ئي ملڪ کي اڳتي وٺي ويندي. هي هن بریفنگ جو خلاصو آهي.هي به ٿي سگهي ٿو ته ملڪ ۾ جيڪو پارلياماني نظام آهي ان جي ضرورت ئي نه رهي، پوءِ ته صدارتي نظام اچي سگهي ٿو! جنهن کي ٿي سگهي ٿو 33 وڏا وزير ئي ووٽ ڏين ۽ وري منتخب ڪن ته ملڪ جو اڳيون صدر ڪير هجي! اهو به ٿي سگهي ٿوجڏهن ته پ پ نون صوبن جي مخالفت ڪري رهي آهي سنڌ ۾ ماڻهو چئي رهيا آهن ته اسان نالو ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيون، نون ليگ جي ماڻهن به مخالفت ڪئي. پر هلو! پنجاب ۾ ته ڪٿي نه ڪٿي ڳالهه ٿي رهي آهي،ڪالهه شام مسلم ليگ نون جا وفاقي وزير سردار سردار يوسف ۽ پيپلز پارٽي جي سينيٽر طلحه محمود نون صوبن جي تجويز کي ڀليڪار ڪيو آهي! ٻئي پاسي محسن نقوي جي ڳالهه کي وزيراعظم شهباز شريف به مائينڊ ناهي ڪيو. هن چيو ته محسن نقوي جيڪو چيو آهي ته ‘سسٽم ڪوليپس ٿي ويو آهي’، ته اسان وزارتن ۾ چيڪ ڪنداسين.لڳي اهو رهيو آهي ته ڪٿي نه ڪٿي اچي هي اسان جون سياسي جماعتون جيڪي مٿان مٿان کان مخالفت ڪري رهيون آهن، اهي بهرحال انهن ڳالهين کي مڃي وٺنديون،حالانڪه آئين ۾ 1985ع کان پهرين ته قومي اسيمبلي کي ڪڏهن فنڊز مليا ئي ناهن توهان جو ڪم ته قانون سازي آهي، توهان جو ڪم ته نالي يا روڊ ٺهرائڻ ناهي! پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو مسئلو اختيارن جي ورڇ آهي، ماڻهو ته سڄي نظام کان تنگ آهن.