ڪوئيٽا (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته صوبا ٺاهڻ ايترو آسان ڪم ناهي. ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته صوبا ٺاهڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي، پر ڇا ملڪ ان کي برداشت ڪري سگهي ٿو. نوان صوبا ٺاهڻ بابت سوال تي مولانا فضل الرحمان چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ انتظامي معاملو آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا ملڪ رڳو نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ آهي؟ هن مطالبو ڪيو ته ان معاملي تي عوام کان راءِ ورتي وڃي ته هو نئون صوبو چاهين ٿا يا نه. سندس چوڻ هو ته صوبا ڪيڪ ناهن جو ڇُري کڻي ڪٽي ڇڏيندئو، هر فيصلي ۾ صلاح مشورو ضروري آهي ۽ قومن جي سڃاڻپ کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته محسن نقوي وزيراعظم سان صلاح ڪرڻ کانسواءِ اهڙي ڳالهه نٿو ڪري سگهي، صوبا ٺاهڻ ايترو آسان ڪم ناهي، ملڪ جي صورتحال تان ڌيان هٽائڻ لاءِ نوان بهانا ٺاهيا پيا وڃن. مولانا فضل الرحمان چيو ته محمود خان اچڪزئي کي گڏيل اپوزيشن جو اجلاس سڏائڻ گهرجي، ملڪ جي صورتحال تي غور ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن محمود خان اچڪزئي اجلاس نه سڏايو ته اسان قومي سطح تي اجلاس سڏائينداسين. جي يو آءِ سربراهه چيو ته جيڪڏهن اسان ملڪ ۾ پنهنجي مرضي جون حڪومتون ٺاهيون ته جمهوريت نه وڌندي. هتي ڪا به جمهوريت ناهي، پارليامينٽ ڪمزور ٿي چڪي آهي، ملڪ کي آئين موجب هلائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪا به قومي پاليسي ناهي، عوام هن صورتحال تي پريشان آهن، ملڪ کي قومي ۽ انصاف تي ٻڌل پاليسي جي ضرورت آهي.مولانا فضل الرحمان چيو ته عوام جي سڀ کان وڏي پارٽي ۽ ملڪ ۾ سڀ کان اهم تحريڪ جي يو آءِ آهي، اسان بلوچستان حڪومت ۾ شامل نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ مون کي ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي بلوچستان جو وڏو وزير بڻجڻ جي خبر ناهي. مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستان خاص طور بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ حڪومتي رٽ موجود ناهي ۽ حالتون ايتريون خراب آهن جو ماڻهو پنهنجي ئي علائقن ۾ محفوظ ناهن.هن آزاد ڪشمير جي صورتحال تي به ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪشميري اسان کي سڏي رهيا آهن، پر اتي به حالتون بهتر ناهن.مولانا چيو ته دنيا ۾ ڪيترائي نظام ناڪام ٿي چڪا آهن، جمهوريت ۽ آمريت ٻنهي کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو، جڏهن ته پاڪستان ۾ سياستدانن کي مناسب موقعو ئي نه ڏنو ويو.هن چيو ته پارليامينٽ جي اهميت ختم ٿي چڪي آهي ۽ سمورن مسئلن جو حل آئين ۾ موجود آهي،ملڪ کي آئين موجب هلائڻ گهرجي ۽ زبردستي حڪومتون مڙهڻ نه گهرجن. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو نالو وٺندي هن چيو ته جيڪڏهن محسن نقوي سمجهن ٿا ته نظام ناڪام ٿي چڪو آهي ته پوءِ هو استعيفيٰ ڇو نٿا ڏيئي؟ اپوزيشن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته محمود خان اچڪزئي اپوزيشن ليڊر آهن ۽ کين صلاح ڏني ته اپوزيشن جو اجلاس سڏايو وڃي.نوجوانن بابت مولانا چيو ته نوجوانن جا پنهنجا جذبا هوندا آهن، پر نوان چهرا فلمي اصطلاح آهن، سياست جو نه. هن ٻڌايو ته سندس ڊاڪٽر مالڪ بلوچ سان ملاقات ٿي آهي، پر کيس خبر ناهي ته ڊاڪٽر مالڪ بلوچ وڏو وزير بڻجي رهيو آهي يا نه.