لاهور(عوامي آواز نيوز)جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو آهي ته چيو وڃي ٿو ته نظام ڊهي پيو آهي، اسان ته نظام بڻجڻ ئي ناهي ڏنو ته پوءِ ڊٿو ڪيئن؟لاهور يونيورسٽي پاران ڪوٺايل مذاڪري کي خطاب ڪندي هن چيو ته هڪ ڪٺ پتلي سياسي استحڪام هلي رهيو آهي،جڏهن کان ملڪ ٺهيو آهي ڪڏهن آئيني،ڪڏهن قانوني،ڪڏهن انتظامي بحران هر وقت رهيو آهي،اسان هڪ بحران مان نڪرون ٿا ٻئي ۾ داخل ٿيون ٿا،هن چيو ته مان ملڪ ۾ انارڪي ڏسي رهيو آهيان ان جو سبب اسان جو معاشي بحران هوندو،روس به ايئن ٽٽو هو،اسان جو بجيٽ خسارو،ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو الاهي ڪٿي پهتو هو،هن چيو ته 73ع جو آئين اسان جو متفقه آئين آهي جنهن اسان کي ڳنڍي رکيو آهي،ان کي ٽي ڀيرا ٽوڙيو ويو،پر مزاحمت ڪري اهو ٻيهر بحال ٿيو اهي،26 ۽ 27 هين ترميم به ائين ئي اڏي وينديون،هن چيو ته اسان جمود جو شڪار آهيون،هن ملڪ ۾ مارشل لا لڳيون آهن،سياسي مزاحمت ٿيندي هئي پر هاڻي اها مزاحمت ختم ٿي رهي آهي،ان دور جا سياسي ورڪر هاڻي ڳولي نٿا لڀن،سياسي قيادت آهي نه ئي اهي جج آهن،هن چيو ته ارڙهين ترميم سٺو دستاويز هو،ان ۾ غلطي ٿي وئي ته هيٺين سطح تي اختيارن جي منتقلي نه ٿي،صوبا ان تي نانگ بڻجي ويهي رهيا،صوبن وٽ جهجهي مقدار ۾ پئسا ويا،ان سان ڪرپشن جو هڪ نظام قائم ٿي ويو آهي،هن چيو ته سنڌ ۾ جهڙو ڪرپٽ نظام ڪنهن ٻئي صوبي ۾ ناهي،نيب کي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي،هن چيو ته آئين ۾ واضح ٿيل آهي ته صوبا ڪيئن ٺهڻ گهرجن،سنڌ ۾ ان حوالي سان زيرو ٽالرنس آهي،سنڌ ٽوڙڻ جي ڪوشش ٿي ته بلوچستان ۽ ڪي پي جهڙيون حالتون پيدا ٿي وينديون،هزارين سالن کان آباد سنڌي ڪڏهن به نئون صوبو قبول نه ڪندا