ڪراچي(عوامي آواز نيوز)مبينا طور قتل ٿيل نوجوان مير رضا جي قتل ڪيس جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جڏهن ته جاچ ڪندڙن ان سلسلي ۾ نئين سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ حاصل ڪري ورتي آهي.پوليس جي جاچ ڪندڙن 29 جولاءِ جي صبح 8 وڳي واري سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ هڪ ڪچرو چونڊيندڙ شخص واقعي واري هنڌ تي ايندي نظر اچي رهيو آهي.جاچ ڪندڙن موجب اهو شڪي شخص لڳ ڀڳ 8 منٽن تائين واقعي واري هنڌ تي موجود رهيو، ۽ شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ممڪن آهي ته واقعي ۾ استعمال ٿيل هٿيار اهو ئي شخص کڻي ويو هجي.اختيارين موجب مير رضا علي جو لاش 29 جولاءِ تي صبح 11 وڳي کان پوءِ مليو هو. پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان شڪي شخص جي سڃاڻپ ڪرڻ ۾ مصروف آهي، جڏهن ته قتل ڪيس جي هر پهلو کان جاچ جاري آهي.پوليس ذريعن موجب مير رضا قتل ڪيس جي جاچ دوران هيل تائين مجموعي طور 19 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. گرفتار ڪيل ماڻهن ۾ هڪ نجي گيسٽ هائوس جا ملازم، اهي ماڻهو جن وٽان مقتول جو موبائل فون مليو، مير رضا جا ڪاروباري ڀائيوار، آن لائين ٽيڪسي ڊرائيور ۽ ڪجهه ٻيا اهم ماڻهو شامل آهن.پوليس اختيارين پڻ تصديق ڪئي آهي ته ڪيس سان لاڳاپيل ڪيترن ئي ماڻهن کي جاچ خاطر حراست ۾ ورتو ويو آهي.