واشنگٽن(شهباز گل)واشنگٽن ڊي سي ۾ آزاد ڪشمير ۾ زيادتين خلاف ٻاهرين ملڪ رهندڙ ڪشميرين وڏو احتجاج ڪيو جنهن ۾ عورتن جو تمام وڏو تعداد هو، انهن سان گڏ ننڍا ٻار به هئا. جڏهن ته پاڪستان ۾ الجزيره نيوز چئنل ۽ سندن نيوز ويب سائيٽ بند ڪئي وئي آهي، ڇو ته مظفرآباد ڊويزن ۾ اليڪشن ۽ پابندي مڙهيل ايڪشن ڪميٽي جي احتجاج کي الجزيره، بي بي سي بين الاقوامي ميڊيا ڪور ڪري رهي هئي. مقامي ميڊيا کي ته اجازت ئي ناهي ته ڪشمير جي خبر يا ڪوريج ڏي. اطلاعات واري وزارت پهرين ته ڪو پراڻو ڊڪٽيٽر جي دور جو قانون ڪڍيو جنهن مطابق بين الاقوامي ميڊيا کي صرف اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ۾ ڪوريج جي اجازت آهي، باقي ملڪ ۾ اجازت ناهي. پوءِ باقائده الجزيره ۽ انٽرنيشنل ميڊيا کي ٻڌايو ويو ته توهان وٽ ڪشمير ڪور ڪرڻ جي اجازت ناهي. هڪ ته انهن جي ڪوريج روڪي وئي ۽ ان سان گڏ الجزيره جي ويب سائيٽ تي به پاڪستان ۾ پابندي مڙهي وئي آهي،ڪشميري ن ليگ،پ پ مان بيزار آهن،جڏهن ته ٿيندڙ اليڪشن ۾ اميدوارن کي فارم 47 ذريعي کٽرايو پيو وڃي،ڪشميرين جي حمايت ۾ پاڪستان ۾ به احتجاج شروع ٿي ويو آهي،اسلام آباد. ايف ٽين ۾احتجاج ٿيو جتي اي آر وائي جي گاڏيءَ کي نقصان پهچايو ويو. جڏهن ماڻهو صحافين يا پوليس تي به حملو ڪن ته ان جو مطلب آهي ته اهي ڪرائي جا ماڻهو ناهن. لاهور ۽ لياقت باغ ۾ سخت ڪريڪ ڊائون ٿيو، پر پوءِ به ماڻهو نڪري رهيا آهن. اسلام آباد ۾ شاگرد تنظيم احتجاج ڪيو، پوليس انهن تي تشدد ڪيو ۽ ڪپڙا ليڙون ڪري ڇڏيا.ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف سان محسن نقويءَ جي ماڊل ٽائون ۾ ملاقات ٿي. خبرون آهن ته نواز شريف فيصلو ڪيو آهي ته محسن نقويءَ جي ڳالهه جو جواب ناهي ڏيڻو. نجم سيٺيءَ جو تجزيو آهي ته مريم ۽ شهباز شريف محسن نقويءَ جي ڳالهه تي تبصرو نه ڪندا، نواز شريف چُپ رهندو. ن ليگ کي خبر آهي ته سندن پوزيشن ڇا آهي.