بالي ووڊ بادشاهه ايونجرز ۽ جمانجي خلاف سندرو ٻڌي ڇڏيو، ”ڪنگ“ کي ڪرسمس تي ئي رليز ڪرڻ جو اعلان

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان ٽن سالن کانپوءِ پنهنجي ايڪشن فلم ”ڪنگ“ ذريعي وڏي پردي تي واپسي لاءِ تيار آهي، جڏهن ته فلم جي رليز ملتوي ٿيڻ بابت هلندڙ افواه رد ڪياويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، فلم 24 ڊسمبر 2026ع تي ئي سئنما گهرن ۾ رليز ٿيندي.
واضح رهي ته ڪجهه هفت کان افواهه گردش ڪري رهيا هئا ته فلم جي رليز 2027ع تائين ملتوي ڪئي ويندي، پر هاڻي واضح ڪيو ويو آهي ته فلم پنهنجي مقرر تاريخ تي ئي رليز ٿيندي.
رپورٽن موجب، ”ڪنگ“ جي رليز هالي ووڊ جي ٽن وڏين فلمن ”ايوينجرز: ڊومز ڊي“، ”ڊيون: پارٽ ٿري“ ۽ ”جمانجي: اوپن ورلڊ“ جي وچ ۾ ٿيندي، جنهن سبب باڪس آفيس تي سخت مقابلي جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي.
فلمي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ مارول فلمن جي وڏي مقبوليت سبب ”ايوينجرز: ڊومز ڊي“ سڀ کان وڏو حريف ثابت ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ”ڊيون: پارٽ ٿري“ ۽ ”جمانجي: اوپن ورلڊ“ به پنهنجي الڳ مداحن سبب سٺو ڪاروبار ڪري سگهن ٿيون.
ٻئي پاسي، شاهه رخ خان جي عالمي مقبوليت ۽ يش راج فلمز طرفان بين الاقوامي ورڇ سبب اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته ”ڪنگ“ کي ڀارت سميت عالمي مارڪيٽن ۾ مناسب اسڪرينون ۽ شو ٽائمنگس ملنديون.
فلمي صنعت سان لاڳاپيل ذريعن موجب، جيڪڏهن ”ڪنگ“ کي ناظرين طرفان هاڪاري موٽ ملي ته ڪرسمس جي موڪلن ۽ ڀارتي جمهوريت جي ڏهاڙي تائين ڪنهن ٻي وڏي هندي فلم جي غير موجودگي سبب اها باڪس آفيس تي شاندار ڪاروبار ڪري سگهي ٿي.

You might also like