ڀارت ۾ ”وندي ماترم“ جي توهين تي سزا جو بل منظور، مسلمانن کي قومي گيت تي اعتراض ڇو آهي؟

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ”وندي ماترم“ جي توهين يا ان جي ادائيگي ۾ خلل وجهڻ تي سزا وارو بل منظور ڪيو ويو آهي، جنهن تحت اهڙي عمل تي ٽن سالن تائين قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.
ڀارتي مملڪتي گهرو وزير نتيانند راءِ طرفان پيش ڪيل بل، صدر جي منظوري کانپوءِ قانوني صورت اختيار ڪندو.
ان ڏس ۾ نتيانند راءِ چيو ته هي بل ڪنهن فرد يا نظريي خلاف نه، پر قومي وقار ۽ گڏيل قومي شعور جي تحفظ لاءِ آندو ويو آهي.
ٻئي پاسي ڪانگريس سميت سمورين مخالف ڌر جي پارٽين بل جي مخالفت ڪندي ان کي آئين جي سيڪيولر حيثيت ۽ مذهبي آزادي جي خلاف قرار ڏنو.
مخالف ڌر جو چوڻ آهي ته دستور ساز اسيمبلي اڳ ئي ”وندي ماترم“ جا رڳو ٻه بند منظور ڪيا هئا، تنهنڪري نئين قانون جي ضرورت نه هئي.
آل انڊيا مجلس اتحاد المسلمين جي صدر ۽ پارليامينٽ ميمبر اسدالدين اويسي چيو ته بل مذهبي آزادي جي آئيني ضمانت جي ڀڃڪڙي آهي، ڇاڪاڻ⁠ ته ”وندي ماترم“ ۾ ديوين ۽ ديوتائن جي پوڄا جو تصور شامل آهي.
سندس الزام هو ته هي قانون ڀارت کي ”هندو راشٽر“ بڻائڻ جي ڪوشش جو حصو آهي.
ڀارتي مسلمانن کي اعتراض ڇو آهي؟
آل انڊيا مسلم پرسنل لا بورڊ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن مان ”وندي ماترم“ جي توهين کي سزا جوڳو ڏوهه قرار ڏيندڙ ترميمي بل جي منظوري تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي ان کي ڀارتي آئين جي سيڪيولر ۽ جمهوري روح جي ابتڙ قرار ڏنو آهي.
بورڊ جي ترجمان ڊاڪٽر سيد قاسم رسول الياس چيو ته قانون ذريعي ڪنهن مخصوص مذهبي تصور يا عقيدي کي ملڪ جي سڀني شهرين تي مڙهڻ آئين جي بنيادي اصولن سان ٽڪراءُ ۾ آهي.
سندس چوڻ هو ته ”وندي ماترم“ کي قانوني جبر ذريعي سڀني مذهبي برادرين لاءِ لازمي بڻائڻ نه رڳو نامناسب، پر مذهبي آزادي جي به ڀڃڪڙي آهي.
ڊاڪٽر الياس وضاحت ڪئي ته دستور ساز اسيمبلي ڊگهي بحث کانپوءِ ”وندي ماترم“ جا رڳو شروعاتي ٻه بند قومي سطح تي قبول ڪيا هئا، جڏهن ته باقي حصن ۾ موجود مذهبي مفهوم کي ڀارت جي سيڪيولر سڃاڻپ سان هم آهنگ نه سمجهيو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته ”وندي ماترم“ جي ڪجهه سٽن ۾ وطن کي ديوي جي صورت ۾ پيش ڪري ان جي پوڄا جو تصور ڏنو ويو آهي، جيڪو مسلمانن جي عقيدي توحيد سان سڌو سنئون ٽڪراءُ رکي ٿو.
سندس چوڻ هو ته مسلمان رڳو هڪ الله جي عبادت ڪري ٿو، انڪري ڪنهن به مسلمان کي پنهنجي عقيدي جي ابتڙ مذهبي مفهوم رکندڙ گيت يا نعري ۾ شموليت تي مجبور ڪرڻ قبول جوڳو ناهي.

You might also like