پورٽ آف اسپين (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊين بيٽر عامر جانگو چيو آهي ته جيڪڏهن سندس ٽيم پهرين اننگز ۾ 350 يا ان کان وڌيڪ رنسون ٺاهي ٿي ته ٽئين ڏينهن کان پوءِ وڪيٽ خراب ٿيڻ شروع ٿيندي، جنهن سبب آخري اننگز کيڏندڙ پاڪستان لاءِ بيٽنگ ڏکي ٿي ويندي.
برسات سبب متاثر ٻي ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ڏينهن راند جي پڄاڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عامر جانگو چيو ته ويسٽ انڊيز جي بيٽرن سست ۽ ڏُکي وڪيٽ تي مجموعي طور سٺي بيٽنگ ڪئي، جيتوڻيڪ بدقسمتيءَ سان وڪيٽون ڪرڻ سبب ٽيم وڌيڪ مضبوط پوزيشن حاصل نه ڪري سگهي.
هن چيو ته برينڊن ڪنگ ٽيم کي بهترين شروعات ڏني، پر ڪجهه بيٽر پنهنجي اننگز کي ڊگهو نه ڪري سگهيا.
سندس چوڻ هو ته هاڻي جسٽن گريوز ۽ روسٽن چيز تي ذميواري آهي ته هو وڏي ڀائيواري قائم ڪري ٽيم کي 350 رنسن کان اڳتي وٺي وڃن.
عامر جانگو چيو ته هن وڪيٽ تي هڪ ڀيرو سيٽ ٿيڻ کانپوءِ وڏي اننگز کيڏڻ ضروري آهي.
ٻئي پاسي پاڪستاني اسپنرن ساجد خان ۽ علي عثمان پهرين ڏينهن سٺي بالنگ ڪئي.
واضح رهي ته پهرئين ڏينهن جي پڄاڻي تي ويسٽ انڊيز 5 وڪيٽن جي نقصان تي 239 رنسون ٺاهيون هيون، جسٽن گريوز 64 ۽ روسٽن چيس 36 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا.