ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ حراست هيٺ آيل هڪ خواجه سرا تي پوليس جي مبينا تشدد واري واقعي کانپوءِ خواجه سرائن بوٽ بيسن ٿاڻي ٻاهران گڏ ٿي پٿراءُ ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهتو.
واقعي دوران سيف سٽي جا ڪيمرا ۽ پوليس موبائل جا شيشا ڀڄي پيا.
پوليس موجب پٿراءُ ۾ ملوث خواجه سرائن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ 3 خواجه سرائن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي.
پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر جي هدايت تي ڪجهه ڀيڪارين کي گرفتار ڪيو ويو هو، ان دوران هڪ خواجه سرا جي نڪ مان رت نڪتو، جنهن کانپوءِ خواجه سرائن ان واقعي کي مبينا تشدد جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.