شڪارپور ۾ 9 ورهين جي نينگري سان زيادتي جي تصديق، ڪيس داخل

شڪارپور ۾ 9 ورهين جي هڪ نينگري سان مبينا زيادتي جي واقعي جي تصديق ٿي وئي آهي.

پوليس موجب شڪارپور جي ٺڙهوپور محلي ۾ 9 ورهين جي نينگري کي مبينا زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، جنهن جي تصديق جاچ دوران ٿي آهي.

متاثره نينگري جي والد چيو آهي ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار ۽ سندس ساٿين طرفان کين ڌمڪيون پڻ ڏنيون پيون وڃن.

پوليس موجب ڌمڪيون ڏيندڙ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مرڪزي جوابدار سميت ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.

You might also like