اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي بچاءَ واري وزير خواجا آصف وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي تازي بيان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن نظام ۾ بنيادي تبديلي آڻڻي آهي ته ان لاءِ صحيح فورم پارليامينٽ ۽ وفاقي ڪابينا آهن، نه ڪي نجي تقريبون يا واپاري برادري وارا فورم.
خواجا آصف سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (اڳوڻو ٽوئيٽر)تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته محسن نقوي نظام جي ڪمزورين بابت پنهنجا خيال ظاهر ڪيا آهن ۽ هو ذاتي طور انهن خيالن سان گهڻي حد تائين اتفاق ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته هو پاڻ به هڪ سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان محسوس ڪري ٿو ته نظام جي ارتقا جو عمل ڏهاڪن کان گروهي ۽ ذاتي مفادن جي تابع رهيو آهي، جنهن کي آزاد ڪرڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن نظام کي مضبوط ڪرڻ ۽ بنيادي تبديلي آڻڻ جو ارادو آهي ته ان تي پارليامينٽ يا وفاقي ڪابينا ۾ بحث ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهڙي طريقي سان ادارا به مضبوط ٿيندا ۽ تبديلي به آئيني عمل ذريعي ايندي.
خواجا آصف چيو ته محسن نقوي پاڻ پارليامينٽ جو ميمبر ۽ وفاقي ڪابينا جا اهم ميمبر آهي، پر هو انهن ٻنهي ادارن جي اجلاس ۾ گهٽ شرڪت ڪندو آهي. سندس خيال ۾ آئيني ادارن کي غير لاڳاپيل بڻائي واپاري برادري کي خطاب ڪندي اهڙا اهم سياسي بيان ڏيڻ، انهن فورمن جي ڀيٽ ۾ گهٽ اثرائتو آهي، جتي آئيني ۽ قانوني طور اهڙن معاملن تي بحث ٿيڻ گهرجي.
مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته محسن نقوي گذريل ساڍن ٽن سالن کان انتهائي بااختيار عهدن تي فائز آهي، جيڪڏهن هو واقعي نظام ۾ تبديلي چاهي ٿو ته ان بابت اڳ ئي عملي قدم کڻي پئي سگهيو.
خواجا آصف پنهنجي بيان ۾ نيشنل ايڪشن پلان جو به حوالو ڏيندي چيو ته گذريل ڏينهن ڊي جي آءِ ايس پي آر نيشنل ايڪشن پلان جي 13 نڪتن جو ذڪر ڪيو هو، جن مان هڪ نڪتي تي، جيڪو هٿياربند فوجن جي ذميواري هو، جانين جي قربانين سان عمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باقي 12 نڪتن تي عملدرآمد گهرو وزارت جي ذميواري آهي، جنهن ۾ اڃا تائين اڳڀرائي نه ٿي آهي.
هن محسن نقوي کي مخاطب ڪندي چيو ته جيڪڏهن هو واقعي نظام ۾ تبديلي آڻڻ چاهي ٿو ته ان جي شروعات نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد ۽ پنهنجي وزارت مان ڪري. خواجا آصف چيو ته رڳو واپاري برادري نه، پر سڄي قوم اهڙي مثبت تبديلي ۾ سندن ساٿ ڏيندي.