ڇا چونڊون ايندڙ سال ٿينديون؟ جارحاڻي سياست لاءِ نواز شريف جو ميدان ۾ اچڻ جو فيصلو!

لنڊن(اظهر جاويد) صحافي اظهر جاويد پنهنجي هڪ وي لاگ ۾ چيو آهي ته مسلم ليگ ن جو نواز شريف جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو آهي جنهن ۾ ملڪ جي گڏيل صورتحال، آزاد ڪشمير جي چونڊن خاص ڪري محسن نقوي جي بيان تي خاص ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

اظهر جايد جو چوڻ هو ته نواز شريف فيصلو ڪيو آهي ته هو سڀني معاملن تي پارٽي جي اڳواڻي پاڻ ڪندو ۽ جارحاڻو رويو اختيار ڪندو.

صحافي وڌيڪ چيو ته چونڊون ايندڙ سال ٿين يا انکان به مٿين سال تيستائين نواز شريف کلي ڪري پارٽي جي قيادت ڪندو ۽ مريم نواز جيڪي پنجاب ۾ بهترين قسم جا ترقياتي ڪم ڪيا آهن ۽ شهباز شريف جيڪو معيشت کي بچايو آهي ان کي هاءِ لائيٽ ڪندو.

You might also like