بلاول کي صوبا ٺاهڻ تي اعتراض ناهي: يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم ۽ سينيٽ جي چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته ننڍن صوبن جو قيام ضروري آهي ۽ هاڻوڪو نظام ناڪام ٿي چڪو آهي، پر هو ان معاملي تي پنهنجي ذاتي راءِ نٿو ڏئي سگهي، رڳو پارٽي جو موقف ئي پيش ڪندو.

هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بلاول ڀٽو زرداري جو موقف آهي ته جن نون صوبن بابت اتفاقِ راءِ موجود آهي، جيڪڏهن اهي صوبا ٺاهيا وڃن ته پارٽي کي ڪو اعتراض نه هوندو، جڏهن ته جتي اختلاف آهن، اتي ڳالهين ذريعي حل ڳولڻ گهرجي.

يوسف رضا گيلاني وڌيڪ چيو ته جڏهن هو وزيراعظم هو ته ان وقت ڏکڻ پنجاب کي الڳ صوبو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ۽ ان لاءِ ٻه ٽهائي اڪثريت سان قرارداد به منظور ڪرائي وئي هئي، پر ان وقت پاڪستان مسلم ليگ (ن) ان جي مخالفت ڪندي اهو عمل روڪي ڇڏيو هو.

You might also like