”ٿڌي سڙڪ تحريڪ“ نااهل ماڻهو آفيسر ٿيندا ته سنڌ جو ٻيڙو ٻوڙيندا: فرمان علي

حيدرآباد(ع آ ڊاٽ پي ڪي)سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن آفيس آڏو ٿڌي سڙڪ تحريڪ جو ڌرڻو نائين ڏينهن به جاري آھي.

تحريڪ جي اڳواڻ فرمان علي عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته اسان اهو ٿا سمجهون ته اسان ٻڏڻ پيا وڃون، ائين ٿيندو رهيو ته سنڌ جو ٻيڙو ٻڏندو، اهو ائين ته جيڪي ماڻهو ڊي ايس پيز، اسسٽنٽ ڪمشنرز، انجينئر ۽ ٻين عهدن لاءِ ڪروڙين رپيا ڀري ايندا تھ اُھي سنڌ جو ٻيڙو ٻوڙيندا.

هن چيو ته سندن بنيادي مطالبو آهي ته معاملي جي فارنزڪ جاچ ڪرائي وڃي ۽ جيڪڏهن ادارن اندر ڪرپشن يا بي ضابطگيون ثابت ٿين ته ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي پر جيڪڏهن ادارن ۾ موجود ”ڪاريون رڍون“ سامهون اچن ته انهن کي سزا ڏني وڃي، جيئن مستقبل ۾ اهڙين بي ضابطگين جي حوصلا شڪني ٿي سگهي.

هن حڪومت تي زور ڏيندي چيو ته نوجوانن جي جائز خدشن کي سنجيدگي سان ٻڌو وڃي ۽ مسئلي جو منصفاڻو حل ڪڍيو وڃي. سندس چوڻ هو ته احتجاج ڪندڙ پرامن جدوجهد تي يقين رکن ٿا ۽ نٿا چاهين ته حالتون ڪنهن به غير مناسب رخ اختيار ڪن، تنهن ڪري حڪومت کي فوري طور معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

You might also like