آزاد ڪشمير چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ چونڊ مهم ختم، سڀاڻي پولنگ ٿيندي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ چونڊ مهم ختم ٿي وئي آهي، جڏهن ته مظفرآباد ڊويزن جي ٽن ضلعن ۽ مهاجرن لاءِ مخصوص 12 سيٽن تي 2 آگسٽ تي پولنگ ٿيندي.

آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي 2026ع واري چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ مظفرآباد ڊويزن جي ٽن ضلعن، يعني مظفرآباد، نيلم ۽ جهلم ويلي جي 9 تڪن ۾ آچر تي ووٽنگ ٿيندي.

اليڪشن ڪميشن موجب، مظفرآباد ڊويزن جي ٽن ضلعن ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 8 لک 90 هزار 621 آهي، جن مان 4 لک 27 هزار 955 مرد ۽ 3 لک 81 هزار 666 عورت ووٽر آهن.

سڄي مظفرآباد ڊويزن ۾ ووٽنگ لاءِ هڪ هزار 483 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا آهن.

هوڏانهن، آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۾ مهاجرن لاءِ مخصوص 12 سيٽن تي به 2 آگسٽ تي پولنگ ٿيندي. ڄمون ۽ ويلي جي 6، 6 سيٽن لاءِ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ رهندڙ ڪشميري ووٽر پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪندا.

ڄمون جون 6 سيٽون ايل اي 34 ڄمون-1 کان ايل اي 39 ڄمون-6 تائين، جڏهن ته ويلي جون 6 سيٽون ايل اي 40 ويلي-1 کان ايل اي 45 ويلي-6 تائين آهن.

چيف اليڪشن ڪمشنر رٽائرڊ جسٽس غلام مصطفيٰ مغل چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن جي هدايت يا ڊڪٽيشن تي ڪم نٿي ڪري، اهو هڪ آزاد ۽ خودمختيار ادارو آهي. هن چيو ته چونڊن ۾ هارائيندڙ ڌريون اڪثر ڌانڌلي جا الزام هڻنديون آهن.

هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو ٻئي مرحلي جي پولنگ دوران گهرن مان نڪري ووٽ جو حق استعمال ڪن، ڇو ته جيڪڏهن ماڻهو ووٽ نه ڏيندا ته پوءِ مسئلا جلسن، جلوسن يا احتجاجن سان حل نه ٿيندا.

چيف اليڪشن ڪمشنر وڌيڪ چيو ته هي آزاد ڪشمير جي تاريخ جون سڀ کان ڏکيو حالتن ۾ ٿيندڙ چونڊون آهن، ۽ جيڪڏهن حالتون اهڙيون ئي رهيون ته راولاڪوٽ جي چونڊن جي شيڊيول ۾ تبديلي آڻي سگهجي ٿي.

You might also like