مانسهرا(ويب ڊيسڪ)رشتي جي تڪرار تان هٿياربندن گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري ٽن ڀيڻ ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هڪ ٻار زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب، واقعو مانسهرا ۾ پيش آيو، جتي رشتي جي معاملي تي مخالف ڌر جي ماڻهن گهر ۾ داخل ٿي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي نتيجي ۾ گهر ۾ موجود ٽي ڀيڻ ڀائر ٿڏي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ٻار زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب، واقعي بابت ٻن عورتن سميت 9 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.