دنيا جي مشهور ۽ مهانگي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل مٿان دنيا جي سڀ کان قيمتي ڪمپني هجڻ جو اعزاز وڃائڻ جو خطرو وڌي ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، اي آءِ چِپ سان لاڳاپيل بحران سبب ايپل جي سپلائي چين متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.
تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته سروسز شعبي ۾ اميدن کان گهٽ واڌ ۽ سپلائي چين تي وڌندڙ دٻاءُ سبب سيڙپڪارن جا خدشا وڌيڪ وڌي ويا آهن.
ٻئي پاسي، ڪمزور مالي اڳڪٿين سبب ايپل کي وڏو ڌڪ رسيو آهي.
برطانوي خبرون ڏيندڙ اداري موجب، جمعي ڏينهن ايپل جا شيئر لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو ڪري پيا، جنهن کان پوءِ ڪمپني جي مارڪيٽ ماليت ۾ لڳ ڀڳ 500 ارب آمريڪي ڊالرن تائين گهٽتائي جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.