ڪرپشن ۾ ملوث جج جي جبري رٽائرمينٽ جو حڪم جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ هاءِ ڪورٽ عدليه ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني خلاف اهم قدم کڻندي سينيئر سول جج اياز علي ڪناسرو کي جبري رٽائرمينٽ ڏيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

ميمبر انسپيڪشن ٽيم موجب، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ظفر راجپوت جاچ رپورٽ، حتمي ٻڌڻي ۽ سمورن حقيقتن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ سينيئر سول جج اياز علي ڪناسرو کي جبري رٽائرمينٽ جي سزا ٻڌائي.

ميمبر انسپيڪشن ٽيم موجب، جاچ دوران سينيئر سول جج خلاف ڪرپشن ۽ بدعنواني جا الزام ثابت ٿيا. ڪيس جي تفصيلي جاچ انڪوائري آفيسر جسٽس شمس الدين عباسي ڪئي.

بيان موجب، مجاز اٿارٽي جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ جج کي ملازمت مان برطرف ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، جڏهن ته چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ سمورا قانوني مرحلا مڪمل ڪرڻ ۽ ڌرين جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ جبري رٽائرمينٽ جي سزا مقرر ڪئي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جاري ڪيل حڪم فوري طور لاڳو ڪيو ويو آهي.

You might also like