ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي يونيورسٽي ۾ 9 جولاءِ تي اسلامي جمعيت طلبه ۽ سنڌ شاگرد ساٿي جي ڪارڪنن وچ ۾ ٿيل پرتشدد جهيڙي بابت قائم جاچ ڪميٽي پنهنجي رپورٽ مڪمل ڪري ورتي آهي.
رپورٽ موجب، 9 جولاءِ جو واقعو ڪو اوچتو جهيڙو نه هو، پر ٻنهي ڌرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي ڇڪتاڻ جو نتيجو هو.
جاچ ڪميٽي تشدد ۾ ملوث 10 شاگردن کي يونيورسٽي مان ڪڍڻ جي سفارش ڪئي آهي، جن مان 5 شاگردن کي 6 مهينن ۽ ٻين 5 شاگردن کي 3 مهينن لاءِ خارج ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
جاچ رپورٽ ۾ ڪراچي يونيورسٽي جي سيڪيورٽي انتظامن ۽ نظم و ضبط تي پڻ سوال اٿاريا ويا آهن.
رپورٽ ۾ شاگرد تنظيمن لاءِ واضح ۽ گڏيل پاليسي جوڙڻ جي سفارش پڻ شامل ڪئي وئي آهي.