ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي سينيئر وزير سعيد غني چيو آهي ته پنجاب ۾ ويٺل ڪنهن به شخص کي سنڌ ۾ نون صوبن بابت ڳالهائڻ جو ڪو به حق حاصل ناهي.
هن چيو ته پنجاب جي ٻن وزيرن جي پريس ڪانفرنس مان لڳي ٿو ته هو ڪڏهن به سنڌ آيا ئي ناهن ۽ شايد مريم نواز جي دائري کان ٻاهر ناهن نڪتا. هن چيو ته کين اها به خبر ناهي ته بندرگاهه صوبي جي حڪومت جي ملڪيت نه هوندي آهي.
سعيد غني چيو ته جيڪڏهن ڪراچي پورٽ جي حالت خراب آهي ته ان جي ذميوار وفاقي حڪومت آهي.
هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي دنيا جي وڏين دل جي اسپتالن مان هڪ آهي، جتي گذريل سال 45 لک کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو، جن ۾ پنجاب مان آيل هڪ لک 19 هزار مريض به شامل هئا، جن کي مفت علاج فراهم ڪيو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته گمبٽ اسپتال ۾ به پنجاب مان ڪيترائي مريض علاج لاءِ اچن ٿا، جنهن تي سنڌ حڪومت کي خوشي آهي.
سعيد غني چيو ته پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي آبادي اڌ کان به گهٽ آهي، پر سنڌ حڪومت گذريل مالي سال دوران 600 ارب رپين کان وڌيڪ روينيو گڏ ڪيو، جڏهن ته پنجاب پنهنجي صوبي مان سنڌ کان لڳ ڀڳ 150 ارب رپيا گهٽ ٽيڪس گڏ ڪيو.
هن چيو ته سنڌ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۾ ملڪ جو اڳواڻ صوبو آهي. پنجاب ٻه لک ماڻهن کي گهر ٺاهڻ لاءِ قرض ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت 21 لک ٻوڏ متاثر خاندانن کي گهر ٺاهي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ انهن گهرن جي مالڪي جا حق به رهواسين کي ڏئي رهي آهي.
سعيد غني چيو ته سنڌ جي عوام ۽ چونڊيل نمائندن کي نون صوبن جي ڪا ضرورت محسوس نٿي ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پنجاب جا ماڻهو نوان صوبا چاهين ٿا ته پيپلز پارٽي پنجاب جي عوام جي ان مطالبي جي حمايت ڪندي.