”اَي آءِ“ ذريعي ڪتاب اسڪين ڪري اصل نسخا ختم ڪرڻ جو انڪشاف

برطانوي ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته دنيا جون ڪجهه وڏيون ٽيڪنالاجي ڪمپنيون هٿرادو ڏاهپ (AI) جي ماڊلز جي تربيت لاءِ وڏي انگ ۾ پراڻا ڪتاب خريد ڪري، انهن کي تيز رفتار مشينن ذريعي اسڪين ڪن ٿيون ۽ پوءِ ڪجهه ڪتابن جون اصل ڪاپيون ضايع ڪري ڇڏين ٿيون.

رپورٽ موجب ڪمپنيون ڪتابن کي ڊجيٽل شڪل ۾ محفوظ ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه اصل نسخا ختم ڪري ڇڏين ٿيون.

ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن انهن ڪتابن ۾ تاريخي يا ناياب نسخا شامل آهن ته اهڙو عمل انساني علم، تاريخي رڪارڊ ۽ ثقافتي ورثي لاءِ وڏو نقصان ثابت ٿي سگهي ٿو.

You might also like