لاهور (سجاد انور)پاڪستان هن وقت هڪ غيرمعمولي سياسي، معاشي ۽ نفسياتي بحران مان گذري رهيو آهي، جتي عام شهري بي يقيني، پريشاني ۽ مايوسي جو شڪار آهي. اهڙي صورتحال ۾ اهو سوال شدت سان اڀري رهيو آهي ته ڇا هاڻوڪي ناڪارا نظام پنهنجي افاديت وڃائي ويٺو آهي يا ان کي برقرار رکڻ جي اڃا ڪا حقيقي گنجائش موجود آهي.
گذريل ڏينهن وفاقي وزير محسن نقوي جي ”سسٽم ري سيٽ“ بابت بيان ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس سياسي ماحول کي اهڙي مرحلي تي آڻي بيهاريو آهي، جتي پردي پٺيان ٿيندڙ تبديليون هاڻي واضح اشارن جي صورت اختيار ڪندي نظر اچي رهيون آهن. اهڙو تاثر ملي رهيو آهي ته طاقتور ڌرين هاڻوڪي نظام کي ويڙهڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن.
روايتي سياسي پارٽين کي اهڙي فيصلائتي مرحلي تي آندو ويو آهي، جتي سندن سامهون آئيني ترميمن جي منظوري يا ريفرنڊم جهڙا ٻه ڏکيا رستا موجود آهن. هڪ پاسي پارلياماني اختيارن جي وڌيڪ ڪمزور ٿيڻ جو خدشو آهي، ته ٻئي پاسي انڪار جي صورت ۾ فوري سياسي انجام جو خطرو موجود آهي.
اهڙي چونڊ ڄڻ زهر ۽ آهستي اثر ڪندڙ دوا مان هڪ چونڊڻ جهڙي بڻجي وئي آهي. ان سڄي صورتحال مان مستقبل جي اهڙي سياسي خاڪي جي به جهلڪ ملي ٿي، جنهن ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جهڙين روايتي پارٽين جي ڪردار کي محدود يا ختم ڪرڻ جو تصور موجود آهي.
ٻئي پاسي محسن نقوي پاران وڌيڪ انتظامي يونٽن جي قيام جي ڳالهه حقيقت ۾ هڪ وسيع جاگرافيائي ۽ انتظامي نئين جوڙجڪ ڏانهن اشارو سمجهي پئي وڃي، جنهن تحت سنڌ ۽ پنجاب کي ڪيترن حصن ۾ ورهائڻ، جڏهن ته صدر ۽ گورنرن جهڙن عهدن جي خاتمي تي به غور ڪيو پيو وڃي، ته جيئن نظام کي وڌيڪ سادو ۽ گهٽ خرچائتو بڻائي سگهجي. بهرحال، سياسي پارٽين جي مزاحمت رڳو اصولي نه، پر پنهنجي سياسي ۽ مالي مفادن جي تحفظ سان به لاڳاپيل آهي.
رياست ڄڻ ”آٽو اميون“ بيماري جو شڪار ٿي چڪي آهي، مطلب اهڙي حالت، جنهن ۾ ادارا پاڻ ئي پنهنجي نظام خلاف سرگرم ٿي وڃن. ان جو بنيادي سبب ادارتي مداخلت قرار ڏنو پيو وڃي. هن بيماري جو علاج ڪنهن هنگامي سرجري يا ٻاهرين حل ۾ نه، پر رڳو آئيني حدن جي پاسداري ۽ هر اداري جي پنهنجي دائري اندر رهڻ ۾ آهي.
انهيءَ پسمنظر ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر پاران اٿاريل ”ايليٽ ڪيپچر“ جو نڪتو به رڳو بلوچستان تائين محدود ناهي، پر سڄي ملڪ تي لاڳو ٿئي ٿو، جتي سياسي، فوجي، معاشي، بيوروڪريٽڪ، عدالتي، ميڊيا، مذهبي ۽ دانشوراڻي اشرافيه پنهنجي مفادن خاطر رياستي وسيلن تي قابض نظر اچي ٿي، جڏهن ته عام شهرين جا حق لڳاتار نظرانداز ٿي رهيا آهن.
نوجوان نسل ۾ وڌندڙ مايوسي خطرناڪ رخ اختيار ڪري سگهي ٿي، خاص طور تي جيڪڏهن پرامن سياسي اظهار جا رستا محدود ڪيا وڃن، ڇو ته اهڙي صورتحال ۾ اهو خدشو پيدا ٿئي ٿو ته نوجوان انتهاپسند ڌرين ڏانهن مائل ٿي سگهن ٿا، جيڪو رياستي استحڪام لاءِ سنگين خطرو بڻجي سگهي ٿو.
گڏيل طور پاڪستان اهڙي موڙ تي بيٺو آهي، جتي رڳو ظاهري تبديليون يا چهرا بدلائڻ ڪافي نه هوندو، پر آئيني بنيادن تي حقيقي سڌارن جي ضرورت آهي، ٻي صورت ۾ ”ري سيٽ“ رڳو نئون چهرو هوندو، جڏهن ته بيماري جيئن جو تيئن برقرار رهندي.