انٽرنيٽ تي وقت گذارڻ جو وڏو نقصان دريافت

جيڪڏهن توهان انٽرنيٽ تي تمام گهڻو وقت گذاريندا آهيو، جيڪا اڄڪلهه ڪيترن ماڻهن جي عام عادت بڻجي چڪي آهي، ته اها ڳالهه توهان جي شخصيت ۽ ذهني صحت تي ناڪاري اثر وجهي سگهي ٿي.

جرمني ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق موجب انٽرنيٽ جو حد کان وڌيڪ استعمال ذهني دٻاءُ، چڙچڙائپ ۽ زندگي جي ٻين اهم سرگرمين کان غفلت جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

ڊيوئسبرگ-ايسن يونيورسٽي جي تحقيق ۾ 900 ماڻهن کي شامل ڪيو ويو، جن جي آن لائن عادتن بابت تفصيلي ڄاڻ گڏ ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن کي انٽرنيٽ تي گذاريل وقت جي بنياد تي ٽن گروهن ۾ ورهايو ويو.

تحقيق دوران ٻن هفتن تائين شرڪت ڪندڙن کان هر شام هڪ فارم ڀرايو ويو، جنهن ۾ انهن پنهنجي مزاج، ذهني دٻاءُ، انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ جي خواهش جي شدت ۽ انٽرنيٽ تي گذاريل وقت بابت ڄاڻ ڏني.

ان فارم ذريعي اهو به جائزو ورتو ويو ته هو انٽرنيٽ مان ڪيترو لطف حاصل ڪن ٿا ۽ ان سبب سندن روزمرهه جون ٻيون سرگرميون ڪيتري حد تائين متاثر ٿين ٿيون.

تحقيق جا نتيجا ظاهر ڪن ٿا ته جيڪي ماڻهو انٽرنيٽ تي تمام گهڻو وقت گذارين ٿا، انهن ۾ چڙچڙاپڻ، ذهني دٻاءُ ۽ زندگي جي ٻين معاملن کي نظرانداز ڪرڻ جهڙا رويا وڌيڪ ڏٺا ويا.

محققن موجب انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ جي شديد خواهش به ان جو هڪ وڏو سبب آهي، ڇو ته ڪيترائي ماڻهو ان مان عارضي خوشي ۽ سڪون محسوس ڪن ٿا.

تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته آن لائن سرگرميون انسان جي زندگي جي ڪيترن ئي پهلوئن تي اثرانداز ٿين ٿيون، جڏهن ته انٽرنيٽ جو حد کان وڌيڪ استعمال ڪندڙ ماڻهن ۾ اهي ناڪاري اثر وڌيڪ نمايان هوندا آهن.

هن تحقيق جا نتيجا علمي جرنل پلوس ون (PLOS ONE) ۾ ڇپيا ويا آهن.

You might also like