پاڪستان جي مشهور اسٽريٽ ويئر برانڊ موومينٽ پنهنجي نئين ”لياري“ڪليڪشن ۽ ان سان گڏ تيار ڪيل خاص ميوزيڪل تراني جي باضابطه رونمائي ڪري ڇڏي آهي.
28 پوشاڪن تي ٻڌل هي ڪليڪشن برانڊ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي رليز قرار ڏني پئي وڃي، جيڪا 31 جولاءِ تي آن لائن پيش ڪئي وئي.
برانڊ موجب هي ڪليڪشن لياري جي گهٽين، فٽبال جي ثقافت، اسٽريٽ آرٽ ۽ مقامي روزمرهه جي زندگيءَ کان متاثر ٿي تيار ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ان جي تخليق به ساڳئي ماحول ۾ ڪئي وئي.
ڪپڙن جي ڊزائن ۾ ”لياري دل آهي جاني“ جهڙن مشهور مقامي جملن، تيز رنگن ڳاڳارنگن ۽ هٿ سان تيار ڪيل خطاطي کي نمايان جاءِ ڏني وئي آهي.
ڪليڪشن سان گڏ جاري ڪيل ميوزيڪل ترانو مشهور ميوزڪ پروڊيوسر قاسم اظهر ترتيب ڏنو آهي، جنهن ۾ مشهور ريپر ايوا بي سان گڏ لياري جي مقامي نوجوان فنڪارن پڻ پنهنجي آواز جو رنگ ڀريو آهي.
تراني جي مختصر فلم پڻ مڪمل طور لياري جي گهٽين ۾ مقامي رهواسين سان گڏ فلمائي وئي آهي، جيئن علائقي جي اصل سڃاڻپ ۽ ثقافتي روح کي نمايان ڪري سگهجي.
برانڊ جو چوڻ آهي ته هن ڪليڪشن جو مقصد لياري جي ثقافت ۽ سڃاڻپ کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ آهي. هي ڪليڪشن هاڻي پاڪستان سميت گڏيل عرب امارتن، سعودي عرب، برطانيا ۽ ڪينيڊا ۾ به آن لائن دستياب آهي.