ننڊ پوري ڪرڻ باوجود به سستي ۽ ٿڪاوٽ جو سبب ڪهڙو؟ خطرناڪ بيمارين جا خطرا

جيڪڏهن توهان رات جو 7 کان 8 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ باوجود به پاڻ کي ٿڪل محسوس ڪندا آهيو ته ان جو سبب ننڊ جو گهٽ وقت نه، پر ان جو خراب معيار ٿي سگهي ٿو.

اسڪاٽلينڊ جي ايڊنبرگ يونيورسٽي جي هڪ طبي تحقيق موجب وچولي عمر جي هر ڏهن مان ست ماڻهو بي خوابي يا سليپ اپنيا جهڙن ننڊ جي مسئلن جو شڪار آهن.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سليپ اپنيا ۾ ننڊ دوران بار بار ساهه رڪجي ويندو آهي، جنهن سبب خراٽن سان گڏ ڪيترين ئي صحت جي پيچيدگين جو خطرو به وڌي ويندو آهي.

محققن موجب وچولي عمر وارن ماڻهن ۾ ننڊ جا مسئلا وبا جي صورت اختيار ڪري رهيا آهن، جن جو وڏو سبب روزگار سان لاڳاپيل ذهني دٻاءُ آهي. خراب ننڊ سبب ڊيمينشيا، ڊپريشن، ڪينسر ۽ ٻين دائمي بيمارين جو خطرو پڻ وڌي سگهي ٿو.

هن تحقيق ۾ 50 کان 66 سالن جي عمر وارن ماڻهن کي شامل ڪيو ويو، جن جي صحت ۽ ننڊ جو هڪ سال تائين جائزو ورتو ويو. سمارٽ واچن ۽ سوالنامن ذريعي خبر پئي ته گهڻا ماڻهو رات دوران گهڙي گهڙي جاڳندا هئا ۽ ننڊ جو معيار به خراب هوندو هو.

تحقيق موجب 90 سيڪڙو شرڪت ڪندڙ رات ۾ جاڳي پوندا هئا، جيتوڻيڪ هو روزانو ساڍا 6 کان 8 ڪلاڪ ننڊ ڪندا هئا. لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو ماڻهن کي ننڊ جا مسئلا هئا، جڏهن ته 92 سيڪڙو ماڻهن ۾ ننڊ جي ڪنهن نه ڪنهن بيماري جي نشاندهي ٿي.

محققن جو چوڻ آهي ته ٿڪاوٽ جو اصل سبب ننڊ جو گهٽ وقت نه، پر ننڊ دوران بار بار خلل پوڻ آهي، جنهن ڪري جسم کي مڪمل آرام نٿو ملي.

تحقيق دوران هٿرادو ڏاهپ (AI) جي مدد سان انهن عنصرن جي به سڃاڻپ ڪئي وئي، جيڪي ننڊ خراب ڪن ٿا. انهن ۾ ذهني دٻاءُ، غير متوازن خوراڪ، ورزش جي کوٽ ۽ شور واري ماحول کي اهم سبب قرار ڏنو ويو.

محققن موجب خاص طور وچولي عمر وارن ماڻهن ۾ آفيس ۽ روزگار سان لاڳاپيل ذهني دٻاءُ ننڊ جي خراب ٿيڻ جو سڀ کان وڏو سبب بڻجي رهيو آهي.

You might also like