ڪراچي(ويب ڊيسڪ)شهر جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا هلڪا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب ڪجهه ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو.
موسميات کاتي موجب زلزلي جي شدت 2.9 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جو مرڪز ڪراچي شهر هو.
کاتي موجب زلزلي جي کوٽائي 10 ڪلوميٽر هئي، جڏهن ته لوڏا شام 6 لڳي هڪ منٽ تي محسوس ڪيا ويا.