محسن نقوي جي ڏنل تجويز کي سنڌ جا ماڻهو ان کي قبول نه ڪندا: مراد علي شاهه

ڀٽ شاهه(ويب ڊيسڪ)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي طرفان وڌيڪ انتظامي يونٽن بابت ڏنل تجويز پراڻي ۽ بيڪار آهي، جنهن کي سنڌ جا ماڻهو هرگز قبول نه ڪندا.

ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته هن محسن نقوي جو بيان ٻڌو آهي، پر کيس خبر ناهي ته سندس اشارو آخر ڪنهن طرف آهي.

هن چيو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آهي، بلوچستان ۾ اتحادي حڪومت، سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم آهي.

وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن محسن نقوي سمجهي ٿو ته هاڻوڪو نظام ناڪام ٿي ويو آهي ته هو پنهنجون تجويزون پيش ڪري، پر سندس هي تجويز پراڻي ۽ بيڪار آهي. هن چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ۽ هتان جا ماڻهو اهڙي تجويز کي قبول نه ڪندا.

مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته نوجوان ئي ملڪ جو مستقبل آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ اهي ئي ملڪ جي واڳ سنڀاليندا. اسان ڪڏهن به نوجوانن کي ”ڪاڪروچ“ نه سمجهيو آهي، اهي اسان جي ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن.

واضح رهي ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي تازو چيو هو ته هاڻوڪي نظام ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ نوان انتظامي يونٽ يا صوبا قائم ڪرڻ ضروري آهن.

You might also like