اسلام آباد(طلعت حسين)پاڪستان جي سياست ۾ ڪجهه اهڙو ٿي رهيو آهي جيڪو اوهان جي نظرن کان اوجهل آهي، پر جڏهن وفاقي گهرو وزير، صدر سان ملي ٿو، ته اوهان کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته جيڪو ڪجهه زمين جي هيٺان ٿي رهيو آهي ان جا اثر زمين جي مٿان مرتب ٿي رهيا آهن.محسن نقوي جو آصف علي زرداري سان ذاتي تعلق واسطو به آهي. ۽ ڪجهه جاين تي محسن نقوي آصف علي زرداريءَ لاءِ وڏي مشڪل مان ڪڍيو به آهي. هو ايوان صدر ۽ جي ايڇ ڪيو جي وچ ۾ هڪ پل جو ڪردار ادا ڪندو آهي،پرڏيهي معاملن ۾ به کيس وڏي اهميت حاصل آهي،آمريڪا-ايران جنگ ۾ ماٺار لاءِ هن ايران جا ڪيترائي دورا به ڪيا آهن،ٻئي طرف آصف علي زرداري ڪو عام صدر ناهي. هو ممنون حسين ناهي! هو اهو صدر آهي جنهن کي پاڪستان جي سياسي شطرنج تي هر چال هلڻ اچي ٿي. هاڻي جڏهن ٻنهي جي ملاقات ٿئي ٿي، ته ڪافي اڳڪٿيون/شڪ شبها ٿي رهيا آهن ته اها ملاقات ڇو ٿي رهي آهي. انهن ملاقاتن جو سڌوسنئون تعلق موجوده حالتن سان ان طريقي سان ٺهي ٿو ته موجوده حالتن پاڪستان جي نظام کي اندروني طور تي هڪ پريشر ڪوڪر واري ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.جڏهن دهشتگردي وڌي رهي هجي، جڏهن بلوچستان مان ايندڙ خبرون خطرناڪ کان خطرناڪ تر ٿينديون وڃن، جڏهن لاشن جا انبار لڳن.پي ٽي آءِ پاران 5 آگسٽ تي مارچ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه نه ڪجهه هنگامو ٿي سگهي ٿوآزاد ڪشمير ۾ به صورتحال سنگين آهي،معاشي بحران وڌي رهيو آهي، ڪڻڪ جو بحران مٿي تي آهي،ٻئي پاسي مسلم ليگ نون مرڪز جي حد تائين ته اوهان کي مستحڪم نظر اچي ٿي، پر اها به ان حد تائين آهي ته وزيراعظم وڏي سٺي طريقي سان جي ايڇ ڪيو سان پنهنجن لاڳاپن کي برقرار رکيو آهي پر عمومي طور تي حڪومت بابت جيڪو تاثر آهي اهو اهو ئي آهي ته دٻاءُ وڌي رهيو آهي. پنجاب جي اندر هڪ جنگ جو ميدان نظر اچي رهي آهي. ڪمال جي ڳالهه اها آهي ته ان نظام ۾ اپوزيشن نه مرڪز نه ئي صوبن ۾ نظر اچي ٿي، اپوزيشن جي غير موجودگيءَ ۾ جڏهن نظام مٿان اهڙو دٻاءُ هجي جو ‘پريشر ڪوڪر’ جي اصطلاح استعمال ڪرڻي پوي، ته اوهان کي اندازو ٿي وڃڻ گهرجي ته نظام پنهنجن ئي معاملن جي جڪڙ ۾ آيل آهي.ڪافي ماڻهو اها ڳالهه ڪري رهيا آهن ته حڪومتن جي تبديليءَ جو وقت اچي پهتو آهي. ڪنهن نه ڪنهن جي قرباني ٿيندي، ڪنهن نه ڪنهن جو سر ڏيڻو پوندو ان نظام کي بچائڻ لاءِ! اهي ملاقاتون بي نتيجه به ثابت ٿي سگهن ٿيون،، اپوزيشن نه هجڻ جي باوجود هر وقت مانڌاڻ متل هجي ۽ جڏهن محسن نقويءَ جهڙو گهرو وزير صدر زرداريءَ جهڙي صدر سان ملي ٿو، ته يقيناً ان کي رڳو هڪ رسمي ملاقات نٿو سمجھي سگهجي. اسان جو ته خيال هو ته نون ليگ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي طرفان بيانن جي بوڇاڙ ٿي رهي آهي، پر هتي ته هڪدم ماحول تبديل ٿي ويو! گهرو وزير محسن نقويءَ جيڪي بيان ڏنا آهن، انهن ته هر ڪنهن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. نظام هلائيندڙ به اوهان کي پريشان نظر اچي رهيا آهن، وفاقي ڪابينا جا ماڻهو به پريشان نظر اچي رهيا آهن، پنجاب جي اندر هلچل متل آهي، پيپلز پارٽي به اندر ويھي سوچي رهي آهي ته هي ڇا ڳالهه ٿي وئي؟ محسن نقوي ڇا چئي ڇڏيو؟ان کان اڳ حڪومتي وزير اوهان کي ٻڌائي رهيا هئا ته نظام بلڪل ٺيڪ آهي، اسان ترقي ڪري رهيا آهيون، ڊيفالٽ کان بچي ويا آهيون، بين الاقوامي طور تي ڇا ته اسان زبردست ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ پاڪستان ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي،هاڻي وفاقي ڪابينا جو هڪ وزير ويھي چوي ٿو ته "هي سڀ ڪجهه فارغ آهي! هو سسٽم جي ‘ٽٽڻ’ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، محسن نقوي چوي ٿو ته نئين قيادت سامھون نه پئي اچي، نون صوبن جي موضوع تي مسلم ليگ نواز جي قيادت کان وٺي بلاول ڀٽو زرداري، آصف علي زرداري، پيپلز پارٽيءَ وٽ” نه“ جو جواب آهي،. ته ڇا هاڻي سرگوڌا جو ملتان، فيصل آباد، لاڙڪاڻي، خيرپور، ڪراچيءَ جا وڏا وزير ٿيندا؟ محسن نقوي جو چوڻ هو ته چيف آف آرمي اسٽاف ڪيڏو زبردست ڪم ڪري رهيو آهي،!” هڪ شخص آهي جيڪو سڀ ڪم ڪري رهيو آهي، سڄو ڪريڊٽ ان جو آهي! هن نہ وفاقي ڪابينا جو نالو ورتو، نہ وزيراعظم جو نالو ورتو. ۽ هن واپارين کي چيو ته "اوهان کي هڪ شخص پليٽ ۾ موقعا رکي ڏئي رهيو آهي ۽ اوهان ان کي استعمال نٿا ڪريو.”هن هي به چيو ته "اهو شخص ريڊ لائين ڪراس ڪرڻ نٿو چاهي، اسٽيبلشمينٽ طئي ڪيو آهي ته حتمي طور ملڪ اندر نوان ايڊمنسٽريٽو يونٽس يا صوبا ٺاهڻا آهن — هي پلان جو هڪ حصو آهي.ٻيو هي ته اڄ 18هين ترميم تحت اوهان موجوده صوبن کي وڏا وسيلا ڏئي ڇڏيا آهن، انهن وسيلن جي ورهاست اوهان اهڙي ڪرڻي آهي جو وفاق جي کيسي ۾ به پئسا هجن.ٽيون، پاڪستان جو مستقبل زراعت سان وابسته آهي. ٻاهران سيڙپڪاري اچڻي آهي، پر ان صورت ۾ ايندي جڏهن اسان وٽ هتي ڪجهه نهري نظام اهڙو ٺهندو جنهن نهري نظام ذريعي اوهان انهن علائقن کي آباد ڪري سگهندا جيڪي پاڻي نہ هجڻ جي ڪري اوهان کي صحرا ٺهندي نظر اچي رهيا آهن. اهي نهري نظام جي اندر جيڪي تبديليون آڻڻيون آهن جنهن مٿان سنڌ ۾ اوهان کي ياد هوندو ته وڏو احتجاج ٿيو—اهي اسان کي هر حال ۾ ڪرڻيون آهن.وفاقي ڪابينا جي وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي ان ڳالهه جي خبر آهي. نون ليگ جي اندر بهرحال نواز شريف جي حوالي سان ڪافي اعتراض موجود آهن ته هو انهن معاملن ۾ تيزي ڏيکارڻ ۾ خوش ناهي. پر جيڪڏهن ائين نہ ٿيندو، ته پنجاب جي اندر حڪومت مان به ويند،پيپلز پارٽيءَ کي سڀ کان وڌيڪ اعتراض نئين صوبن مٿان آهي، ۽ مقتدره جو سڀ کان وڌيڪ فوڪس نون صوبن مٿان آهي هن نظام ۾ اپوزيشن نه هئڻ باوجود ملڪ اندر ڪاوڙ ۽ ڪروڌ موجود آهي، نظام کي جيڪو گهارو لڳو آهي،ان تي بند ٻڌڻ لاءِ محسن نقوي جيڪو ڪهاڙو هنيو آهي، ان جا اثر ظاهر ٿي رهيا آهن.