اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) اينڪر شهزاد اقبال چيو ته سياسي پارٽيون نه نظام کي تبديل پيون نه ئي هن نظام ۾ رهندي حالتون تبديل ڪن پيون،انهن جو احتساب ڪير ڪندو؟جمهوريت ۾ جيڪي به نظام آهن اهي هتي آزمائجي چڪا آهن،اسان هتي جمهوريت کي ڪڏهن هلڻ ڏنو آهي؟ڇا انڊيا وانگر هتي تواتر سان چونڊون ٿيون؟هن چيو ته جڏهن عمران خان کي آندو پئي ويو تڏهن به اهو چيو ويو ته ٻه پارٽي سسٽم ملڪ کي تباهه ڪيو آهي،جيڪي موجوده صوبا آهن اتي ئي حڪمراني جو حق نه پيو ملي،26هين ۽ 27هين ترميم کانپوءِ ڪير اهو چئي سگهي ٿو ته اسان جو عدالتي نظام بهتر ٿي ويو آهي؟جيڪو نظام هلي رهيو هو ان کي ڇو خراب ڪيو ويو،سينئر صحافي مظهر عباس چيو ته پ پ،ن ليگ جو موقف ڪهڙو آهي،پاڪستان ۾ به ڪاڪروچ نڪتا هئا انهن کي اسان چيڀاٽي ڇڏيو هو،محسن نقوي اها ڳالهه ڇو نٿو ٻڌائي؟هن چيو ته جمهوري نظام کي ڇيهو پهچائڻ لاءِ مڪاني نظام کي به هڪ هٿيار بڻائي پيش ڪيو ويندو آهي، سسٽم کي هلڻ ئي نٿو ڏنو وڃي، ڪڏهن بيسڪ ڊيموڪريسي،ڪڏهن غيرجماعتي نظام،ڪڏهن هائبرڊ ڪڏهن هائبرڊ پلس جو نالو ڏنو وڃي ٿو، پوءِ توهان ڪيئن چئو ٿا ته جمهوريت ناڪام ٿي وئي،هن چيو ته توهان هن ملڪ ۾ جمهوريت ڪڏهن اچڻ ڏني؟26هين ۽ 27 هين ترميم ڇا جمهوري ترميمون آهن؟محسن نقوي ٻڌائي ته عدليه جا پر ڪنهن ڪٽيا؟محسن نقوي ٻڌائي ته ميڊيا کي ڪير پيو ڪنٽرول ڪري،نظام ناڪام ٿي ويو آهي ته ان جا سبب به ٻڌايو،ان جو ذميوار ڪير آهي؟تڏهن ئي اسان حل ڏانهن وڃي سگهون ٿا،هن چيو ته ارڙهين ترميم جو صحيح استعمال ٿئي ها ته مسئلا ئي پيش نه اچن ها،توهان ڀلي صوبا ٺاهيو يا انتظامي يونٽ،جيستائين هي ”سسٽم“ ختم نه ٿيو ڪو به نظام نه هلي سگهندو،اينڪر ارشاد ڀٽي چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ هن ملڪ تي وڏو احسان هوندو،هي ملڪ جي ضرورت آهي،ارڙهين ترميم ٿيڻ باوجود اختيار هيٺين سطح تي منتقل نٿا ٿين،