لاهور(عوامي آواز نيوز)پنجاب جي صوبائي وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته جڏهن به اسان پ پ کان ان جي ڪارڪردگي بابت سوال پڇون ٿا ته هو جواب ڏيڻ بدران لڪندا وتن ٿا. پيپلز پارٽي ڪراچي جي شهرين کي ٽينڪر مافيا جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وفاق خلاف ڪوڙو بيانيو جوڙيو وڃي ٿو.هن چيو ته گذريل ٻوڏ دوران بلاول ڀٽو صلاح ڏني هئي ته خيرات وٺڻ لاءِ نڪري وڃون، جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير پنهنجي وسيلن سان ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪم ڪرايو ۽ وفاق کان ڪا به مدد نه ملي.عظميٰ بخاري چيو ته آصف علي زرداري کي سندن سالگرهه جون واڌايون پيش ڪريان ٿي.هن وڌيڪ چيو ته خبر ناهي شڪايتون ڪرڻ انهن جي عادت ڇو بڻجي وئي آهي. جيڪڏهن ٻئي پاسي کان سياسي گرمي گهٽ ٿيندي ته اسان جي پاسي کان به لهجو نرم ٿيندو.پنجاب جي اطلاعات واري وزير چيو ته جيڪڏهن سنڌ جون اسپتالون ايتريون بهتر آهن ته پوءِ سنڌ جا وزير علاج لاءِ ٻاهرين ملڪن ڇو وڃن ٿا؟عظميٰ بخاري وڌيڪ چيو ته ڏکڻ پنجاب تي مريم نواز جي خاص توجهه آهي. سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي ڏکڻ پنجاب جو ڪارڊ کيڏي ٿي، پر پنهنجي لاءِ هڪڙا اصول ۽ ٻين لاءِ ٻيا اصول رکي ٿي. هن چيو ته اهو ممڪن ناهي ته هڪ طرف ڏکڻ پنجاب جي ڳالهه ڪئي وڃي ۽ ٻي طرف سنڌ ۾ انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ جي مخالفت ڪئي وڃي.