ايس پي ايس سي نتيجن خلاف ٻڌڻي، ڪئمپ پٽڻ جي آڇ رد

حيدرآباد ( رہورٽر) ڪالھ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد اندر ايس پي ايس سي پاران سي سي 2025 جي امتحان جي لکت واري ٽيسٽ جو آگسٽ مهيني ۾ شيڊيول جاري ڪرڻ خلاف مختلف اميدوارن پاران ايڊووڪيٽ اسرار چانگ معرفت داخل ڪيل آئيني درخواست جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ اي اي جي پاران ڪمينٽس جمع ڪرايا ۽ ڪورٽ کان درخواست ڪئي ته امتحان جي تاريخ مهينو وڌائي وئي آهي ان لاءِ پٽيشن خارج ڪئي وڃي ۽ درخواست گذارن کي چيو وڃي ته احتجاجي ڪيمپ ختم ڪئي وڃي، جنهن تي دليل ڏيندي اسرار چانگ چيو ته اسان ڪميشن جي جواب تي ريجوانڊر فائل ڪنداسين ڇاڪاڻ ته ڪميشن اندر مختلف وقتن تي ڪميشن چيئرمين ميمبرن سيڪريٽرين ۽ ٻين ملازمن جا ويجها رشيدار اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪمپيوٽر پروگرامر اسسٽنٽ ۽ ٻين جاين تي غيرقانوني ڀرتيون ڪيون ويون آهن جيڪي ماڻهو هاڻ ريڪروٽمينٽ سيڪريٽ برانچ ڪنٽرولر ۽ ٻين اهم پوسٽن تي ويٺل آهن جن جي هوندي ڪابه ميرٽ جي اميد ناهي گڏوگڏ ڪيمپ ختم ڪرڻ جي معاملي تي اسرار چانگ چيو ته اسان چيلنج ٿا ڪيون اي اي جي ۽ ڪورٽ پاران ڪوبه نمائندو مقرر ڪري هينر ئي ڪيمپ تي موجود  شاگردن مان ڪي به ڏه نوجوان سليڪٽ ڪري ڪميشن پاران غيرقانوني پاس ڪيل ستر ماڻهن کان ايسي لکرايو جيڪڏهن اسان جو هڪ به دوست فيل ٿيو ته اسان ڪيمپ به ختم ڪنداسين ۽ پٽيشنون به وٿڊرا ڪنداسين ۽ اي اي جي صاحب به لکي ڏي ته جي ڪيمپ تي ويٺل نوجوان پاس ٿي ويا ته پوءِ هي سي سي 24 کي رد قرار ڏيندا جنهن تي اي اي جي چيو ته اهو سندس وس ۾ ناهي جنهن کانپوءِ پٽيش ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪئي وئي .

You might also like