حيدرآباد ( رپورٽر ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف شاگردن جي تحريڪ انقلابي گيتن ۽ نعرن سان ستين ڏينھن به جاري رھي ، ايس پي ايس سي جي ٿڌي سڙڪ واري آفيس سامھون لڳل ڪيمپ ھاڻ مڪمل مزاحمتي رنگ ۾ رنگجي چڪي آھي ڪالھ مزاحمتي صوفي راڳي مانجھي فقير پنھنجي سُنگ سان گڏ يڪتارو کڻي پھتو ۽ ھن مان نه ٿو مڃان جھڙي شاعري ڳائي ظلم ۽ جبر خلاف شاگردن جي انڪار واري خيال کي سگھ بخشي. ڪيمپ تي سماج جي سمورن پرتن جي ماڻھن معصوم محبتون کڻي شاگردن کي ساٿ جو يقين ڏياريو ، ڪيمپ تي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي ڪامريڊ اقبال ، ڪامريڊ انيلا جي اڳواڻي ۾ وفد سميت شرڪت ڪئي، ڪامريڊ امداد قاضي خطاب ڪندي چيو ته نوجوانن کي جس ھجي ته ھو مايوس تي ڊپريشن ۾ وڃڻ بجاءِ احتجاج واري راھ تي ھلي رھيا آھن ، ھو اڄ ويڙھ جي ميدان تي بيٺل آھن ۽ اسين سڀ انھن سان ھن جدوجھد ۾ گڏ بيٺا آهيون، ھي نعريٰ ته جب لال لھرائي گا تب ھوش ٺڪاني آئي گا تبديلي ۽ اتساھ جو نوان نياپا ڏئي رھيا آھن ھن چيو ته ھندستان ۾ رڳو ھڪ پيپر آئوٽ ٿيو ته شاگردن جي تحريڪ آمر حڪمرانن جا گوڏا کوڙايا ۽ وزير کي استعيفيٰ ڏئي گھر وڃڻو پيو، ھتي ته اسان وٽ سمورن امتحاني نتيجن تي ڌاڙو لڳو آھي ، پيپر آئوٽ ٿين ٿا نوڪريون ۽ نتيجا وڪرو ٿين ٿا ، ھتي تعليمي نظام ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري ويو آھي، ادارا ڄڻ دڪان بڻيل آھن جتي نوجوانن جي مستقبل ۽ خوابن جو سودو ٿئي ٿو. جمعيت علماءِ اسلام حيدر آباد جي جنرل سيڪريٽري حافظ خالد حسن ڌامراھ، حافظ محمد اعظم جهانگيري جي اڳواڻيءَ ۾ وفد پهتو آهي ۽ تحريڪ جي حمايت ڪئي، سگا جي وفد پيرل خان کوسو جي اڳواڻي ۾ پھچي شاگردن جي مطالبن کي بنا دير مڃڻ جي گھر ڪئي ڪيمپ تي مزدور اڳواڻ بلال ناغڙ پھچي مزدورن طرفان شاگردن جي ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.