ملڪ جي سڀني مسئلن جو حل جمهوري نظام جي تسلسل ۾ ئي آهي

               ڪالهه وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته موجوده ملڪي سيٽ اپ ايئن گهڻو نه هلي سگهندو ان کي بهتر ڪرڻو پوندو. ان حوالي سان هن تجويز ڏني ته ملڪ اندر نوان صوبا ٺاهڻا پوندا يا انتظامي يونٽ وڌايا ويندا. اهو ڪم حڪومت ۽ اپوزيشن جماعتن کي ڪرڻو پوندو. ان معاملي ۾ سندس  مدد جي ضرورت هجي ته اهو به پيش پيش هوندو. هن چيو ته اها هڪ شخص جي مهرباني آهي جو اهو ريڊ لائين ڪراس نٿو ڪري ۽ موجوده سسٽم ۾ ئي بهتري آڻڻ جو قائل آهي هن چيو ته آخري فيصلو عوام کي ئي ڪرڻو آهي پر ان سان ان معاملي تي ڳالهائڻ به گهرجي ايئن ميڊيا توڙي دانشورن کي به ان موضوع تي بحث مباحثي جي دعوت ڏجي ٿي.سڀني کي گڏ ويهي ملڪي مسئلن جي حل لاءِ سوچڻو پوندو،  هتي رڳو صوبن جو  سوچيو وڃي ٿو پر ملڪ  جو ڪير  به نٿو  سوچي.

 اسان محسن نقوي جي خواهش موجب ان بحث ۾ حصو وٺنداسين، اسان ان راءِ سان ته متفق آهيون ته اختيارن  کي هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ گهرجي ۽ عوام جا مسئلا اوليتي بنياد تي حل ٿيڻ گهرجن. ان سلسلي ۾ اسان ڪيترائي ڀيرا ايڊيٽوريل  به لکي چڪا آهيون ته سنڌ ۾ نون صوبن واري سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پ پ جي سنڌ حڪومت کي سنڌ جي عظيم مفاد ۾ مڪاني نظام کي خودمختيار بڻائڻ گهرجي. جيئن  پ پ ارڙهين ترميم ذريعي وفاق کان اختيار وٺي صوبن کي ڏيارڻ جو يادگار ڪم ڪيو تيئن ان کي هاڻي گهرجي ته صوبن کان ڪجهه اختيار هيٺ ضلعي سطح تي منتقل ڪري. سو صوبائي  اختيارن کي ضلعي تلعقا ۽ يوسيز سطح تي ته منتقل ڪرڻ جا اسان به حامي آهيون پر سنڌ ۾ ڪنهن ڪهن کي اضافي صوبي جي سخت خلاف آهيون.

هن ملڪ ۾ رهندڙ هر فرد کي يقينن پنهنجي راءِ پيش ڪرڻ جو حق آهي، پر هي جيئن ته جمهوري ملڪ آهي ته هتي اڪثريتي عوامي راءِ کي اوليت ڏني ويندي آهي ۽ اڪثريتي ملڪي عوام هر دور ۾ جمهوري نظام جي تسلسل جو حامي رهيو آهي، آئين ۽ قانون جي بالادستي جو قائل رهيو آهي ۽ ان هر دور ۾ مارشل لائن، آمريتي حڪومتن ۽ عدالتن جي نظريه ضرورت وارن فيصلن کي رد ڪيو آهي ۽ انهن غير جمهوري عملن کي ئي ملڪ جي تباهي جو پهريون ۽ آخري سبب ڄاڻايو آهي. ملڪي تاريخ شاهد آهي ته جڏهن هڪ آمر ملڪ اندر ون يونٽ مڙهيو هو ته سڄي ملڪ اندر ون يونٽ مخالف تحريڪ هلي هئي ۽  بنگال نالي هڪ صوبو نيٺ ان آمريتي نظام مان جند ڇڏائي هليو ويو هو ايئن آمريتي مداخلت سبب هي ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو. وري جنرل ضياءَ الحق جڏهن 5 جولاءِ 1977ع تي ذوالفقار علي ڀٽو جي چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪري يارهن سال آمريتي نظام مڙهيو ته ان خلاف به ايم آر ڊي جي تحريڪ هلي جنهن جو مقصد جمهوريت جي بحالي هو. وري جنرل مشرف 18 آڪٽوبر 1999ع ۾  جڏهن نواز شريف  جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ته ان خلاف به نا ئي سال ملڪ اندر جدوجهد هلي خاص طور تي سندس خلاف تمام  وڏي عدليه تحريڪ هلي ۽  اهو مشرف جو ئي آمريتي دور هو جنهن  محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف کي ”ميثاق جمهوريت“ ڪرڻ تي مجبور ڪيو. سو اها به حقيقت آهي ته جڏهن به آمريتي نظام مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته جمهوري طاقتون ان ڏکئي وقت ۾ گڏ ٿي وينديون آهن.

سو ملڪي تاريخ کي ڏسڻ گهرجي. ملڪ جي عوام جي مزاج کي سمجهڻ گهرجي ۽ ان روشني ۾ ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ گهرجن. هونئن ته ٿوري تعداد  هر دور ۾ مارشل لائن ۽ آمريتي نظامن سان به گڏ رهي آهي، جنرل ايوب، جنرل ضياءَ الحق ۽ جنرل مشرف سان به ٿوري انگ ۾ موقعي پرست جماعتون گڏ رهيون پر اڪثريتي عوام هر دور ۾ جمهوري نظام جي حمايت ڪئي آهي. جمهوري نظام جي بحالي ۽ بقا لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ جڏهن به چونڊون ٿيون آهن ته اڪثريتي عوام انهن سياسي جماعتن کي اڪثريتي  طور تي ووٽ ڏنو آهي جيڪي پارلياماني نظام تي يقين رکنديون آهن ۽ جن آمريتي نظام خلاف ڊگهي جدوجهد ڪئي هوندي آهي هتي اهو موقف عام هوندو آهي ته بدترين جمهوريت سٺي آمريت کان به بهتر آهي.

 پر هتي بحث ڪندي اسان اهو به ضرور چونداسين ته آمريتي طاقتن سان  مقابلي لاءِ  ملڪ جي سڀني جمهوري ۽ عوامي طاقتن کي پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري جيڪو پاڻ ۾  اتحاد ڪرڻ گهرجي سو بدقسمتي سان نظر نٿو. اچي پالياماني جماعتون پارٽي مفادن  کي اوليت ڏيندي جمهوري ۽ پارلياماني نظام کي پاڻ ڪمزور ڪنديون  رهيون آهن جنهن نتيجي ۾ آمريتي طاقتن کي مداخلت جو موقعو ملندو  رهيو آهي. پارلياماني جماعتون ٻيو ته ڇڏيو چونڊ نظام تي ئي ڪو ميثاق نه ڪري سگهيون آهن. اها به حقيقت آهي  ته پارلياماني ۽ چونڊيل جماعتون عوام کي جمهوريت جو حقيقي فائدو به نه ڏئي سگهيون آهن. هاڻي به ڪشمير جي چونڊ ۾ موجوده اتحادي حڪمران جماعتون هڪٻئي جو مئنڊيٽ قبول ڪرڻ بدران هڪٻئي تي ڌانڌلي جو ۽ خراب حڪومت جو الزام هڻي جمهوري ۽ پارلياماني نظام کي پاڻ ئي ڪمزور ڪري رهيون آهن يعني جنهن وڻ جي ٽاريءَ تي اهي ويٺل آهن ان کي ئي وڍي  آپگهات ڪري رهيون آهن ۽ ان موقعي جو فائدو وٺندي آمريتي طاقتون اڳتي وڌڻ لڳيون آهن ۽ پنهنجا خطرناڪ ارادا ظاهر ڪري رهيون آهن

سو هڪ ڀيرو وري وقت اچي ويو آهي ته ملڪ جون  سڀ پارلياماني جماعتون متحد ٿين ۽ عوام کي جمهوريت جو حقيقي ثمر پهچائين ته جيئن آمريتي طاقتن کي مداخلت جو موقعو نه ملي سگهي. باقي جيستائين نون صوبن يا نون يونٽن بابت بحث جو تعلق آهي ته پنهنجو موقف اهو آهي ته ملڪ جي هر مسئلي جو حل صرف ۽ صرف جمهوري نظام جي تسلسل ۾ آهي، آئين  به اهو ئي ٿو چوي ۽ اڪثريتي عوام جو به اهو ئي فيصلو آهي.

You might also like