مشهور ليکڪ اصغر وجاهت جي مقبول ڊرامي ”بٽوارا 1947“ جي فلمي پيشڪش کي نقادن روايتي منظرن، ڪمزور پروڊڪشن ۽ عام اداڪاري سبب مايوس ڪندڙ قرار ڏنو آهي.
جيڪڏهن ڪنهن فلم جي پويان عامر خان جهڙو فنڪار ۽ هدايتڪار راج ڪمار سنتوشي جهڙو نالو هجي ته ناظرين جون اميدون تمام گهڻيون هونديون آهن، پر شوقين فلم جي ٽيزر ۽ ٽريلر کي ڏسڻ کانپوءِ مايوس ٿي ويا آهن.
هي فلم آگسٽ ۾ رليز ٿيندي، جنهن کي عامر خان پنهنجي پروڊڪشن ڪمپني پروڊيوس ڪيو آهي، جڏهن ته راج ڪمار سنتوشي فلم جو شريڪ ليکڪ پڻ آهي.
ڀارت خاص طور پنجاب جي ورهاڱي جي پسمنظر تي آڌاريل فلم ۾ سني ديول، پريتي زنٽا، شبانه اعظمي، ڪرن ديول ۽ علي فضل اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته پريتي زنٽا اٺن سالن کانپوءِ هن فلم ذريعي وڏي پردي تي واپسي ڪري رهي آهي.
فلم اصغر وجاهت جي مشهور ڊرامي ”جن لاهور نئين ويکيا او جميا ئي نئين“ تي ٻڌل آهي، جنهن جي موسيقي اي آر رحمان ترتيب ڏني آهي، جڏهن ته گيت جاويد اختر لکيا آهن.
نقادن موجب، جيتوڻيڪ فلم جي ڪاسٽ ۽ ٽيڪنيڪل ٽيم تمام مضبوط آهي، پر ٽريلر مان محسوس ٿئي ٿو ته فلم کي روايتي ۽ ڪليشي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پروڊڪشن ڪوالٽي ايورج آهي ۽ ٽريلر ۾ تخليقيت جي کوٽ نظر اچي ٿي، جڏهن ته سني ديول کي هڪ ڀيرو ٻيهر مشهور فلم”غدر“ واري انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
اهڙي طرح ڪرن ديول به پنهنجي پيءُ جي پراڻي اسڪرين اميج کي ورجائيندي نظر اچي ٿو.
فلمي تجزيي نگارن موجب، فلم جا ڪيئي منظر ۽ ڊائلاگ ورجايل محسوس ٿين ٿا، جڏهن ته ٽريلر ۾ ئي سڄي ڪهاڻي ٻڌائي وئي آهي ته فلم ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي.
تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته سني ديول هاڻي هر فلم ۾”غدر“ واري ڪردار ۾ نظر اچي ٿو، جڏهن ته عامر خان مان اميد هئي ته هو هن اهم موضوع کي وڌيڪ متوازن ۽ منفرد انداز ۾ پيش ڪندو.
You might also like