ايران عراق جي ستن مختلف علائقن تي آمريڪا ۽ سعودي عرب طرفان ڪيل حملن جي سخت مذمت ڪندي انهن کي عراق جي قومي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت خلاف کليل جارحيت قرار ڏنو آهي.
ايراني پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اهي جان ليوا حملا عالمي قانون جي پڌري ڀڃڪڙي آهن ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان جنگ جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي خواهش جو حصو آهن.