ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سينيئر سياستدان حاجي غلام احمد بلور پنهنجي تازي شايع ٿيل آتم ڪٿا ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان جو پيءُ تاج محمد خان 1948ع ۾ خان عبدالقيوم خان جي دور ۾ سياسي ڪارڪنن خلاف ڪارروائين ۽ مسلسل گرفتارين جي ڊپ سبب پاڪستان ڇڏي ڀارت لڏپلاڻ تي مجبور ٿيو هو.
غلام احمد بلور پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ” 1948ع ۾ تڏوهڪي وڏي وزير خان عبدالقيوم خان پشاور ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو، جڏهن خان عبدالغفار خان جي ڪجهه ساٿين ان حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي ته بابڙا واري هنڌ پوليس فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون، ان واقعي کانپوءِ خدائي خدمتگار تحريڪ سان واڳيل ڪارڪنن خلاف وڏي پيماني تي وٺ پڪڙ شروع ٿي.
غلام احمد موجب،” تاج محمد خان به انهن ڪارڪنن ۾ شامل هو، جن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪيئي ڀيرا پوليس ڇاپا هنيا، ان صورتحال کانپوءِ هو پنهنجي ڪٽنب سوڌو پشاور ڇڏي دهلي هليو ويو.“
غلام احمد بلور وڌيڪ لکيو آهي ته ”دهلي ۾ تاج محمد خان جي دوست محمد يونس سندس ڪٽنب جي پرگهور لڌي.“
هن اِها به دعويٰ ڪئي ته ڀارت منتقل ٿيڻ کانپوءِ به تاج محمد خان جو پنهنجي مائٽن سان رابطو برقرار رهيو ۽ هو هڪ ڀيرو پشاور ۾ سندس گهر پڻ آيو هو.
غلام احمد بلور پنهنجي آتم ڪٿا ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته ” هي سندس ننڍپڻ جا واقعا آهن، تاج محمد خان سياسي دٻاءُ، بار بار گرفتار ڪرڻ جي ڪوششن ۽ رياستي ڪارروائين کان تنگ اچي پاڪستان ڇڏڻ تي مجبور ٿيو هو.
شاهه رخ خان جي پيءُ کي پاڪستان ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو؟ غلام احمد بلور جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف
You might also like