سنڌوءَ جو سفر، برفاني جبلن کان سنڌ ڌرتي ۽ سمنڊ تائين جو تاريخي وهڪرو

سنڌو درياهه دنيا جي قديم ترين ۽ اهم درياهن مان هڪ آهي، جيڪو هماليه، قراقرم ۽ هندوڪش جبلن جي برفاني علائقن مان نڪري سنڌ تائين پهچي ٿو. سنڌو درياهه جو بنيادي سرچشمو تبت جي علائقي ۾ منسروور ڍنڍ (Lake Manasarovar) جي ويجهو، ڪيلاش جبل (Mount Kailash) واري علائقي کي سمجهيو ويندو آهي، جڏهن ته ان جي مٿانهين وهڪري کي ڪيترن ئي هنڌن تي برفاني نالن ۽ گليشيئرن سان ڳنڍيو وڃي ٿو. بکارچو (Bokhar Chu/Bokhar Glacier) گليشيئر به سنڌو جي مٿاهين وهڪري واري علائقي سان لاڳاپيل برفاني نظامن مان هڪ آهي، جتان برف ڳري پاڻي جي صورت ۾ ننڍن وهڪرن ۾ شامل ٿي سنڌو درياهه جي وهڪري کي طاقت ڏئي ٿي.

سنڌو درياهه جو سفر تبت (چين جي تبت خودمختيار علائقي)مان شروع ٿئي ٿو. شروعاتي حصي ۾ اهو بلند پليٽن ۽ جبلن جي وچان اولهه طرف وهي ٿو. هي علائقو دنيا جي بلند ترين جبلن، برفاني چوٽين ۽ گليشيئرن تي مشتمل آهي. انکانپوءِ سنڌو پوءِ لداخ واري علائقي ۾ داخل ٿئي ٿو، جيڪو هن وقت ڀارت جي انتظام هيٺ آهي. لداخ ۾ درياهه ليه ۽ نِمُو جهڙن علائقن وٽان گذري ٿو، جتي زانسڪر ۽ ٻين جبلائي ندين جو پاڻي ان ۾ شامل ٿئي ٿو.

ان کان پوءِ سنڌو درياهه پاڪستان جي گلگت بلتستان واري علائقي ۾ داخل ٿئي ٿو. هتي اهو دنيا جي بلند ترين جبلائي نظامن مان گذري ٿو، جتي قراقرم، هماليه ۽ هندوڪش جبلن جون وڏيون چوٽيون موجود آهن. گلگت، استور، شنگوس ۽ ٻين علائقن مان وهندڙ ڪيترائي درياهه ۽ نديون، جهڙوڪ گلگت درياهه، شيوڪ درياهه ۽ استور درياهه سنڌو ۾ شامل ٿين ٿا. هن علائقي ۾ دنيا جا مشهور گليشيئر جهڙوڪ سِياسن، بلتورو ۽ ٻين برفاني علائقن مان نڪرندڙ پاڻي به سنڌو جي نظام کي مضبوط ڪن ٿا.

گلگت بلتستان کان پوءِ سنڌو درياهه ڪي پي ڪي ۾ داخل ٿئي ٿو، جتي اهو جبلن مان نڪري وڌيڪ کليل ميداني علائقن ڏانهن وڌي ٿو. هتي ڪابل درياهه اچي سنڌو ۾ شامل ٿئي ٿو، جيڪو افغانستان جي هندوڪش جبلن مان نڪري پاڪستان جي پشاور وادي مان گذري اچي ٿو. ان کان پوءِ سنڌو درياهه پنجاب جي علائقن ڏانهن وڌي ٿو، جتي مختلف درياهن جو پاڻي به ان سان ملي ٿو.

پنجاب ۾ سنڌو درياهه جي نظام سان پنج وڏا درياهه ڳنڍيل آهن، جهلم، چناب، راوي، ستلج ۽ بياس. انهن مان جهلم ۽ چناب جو پاڻي اڳتي هلي سنڌو نظام جو حصو بڻجي ٿو، جڏهن ته راوي ۽ ستلج جو پاڻي به تاريخي طور سنڌو درياهه جي وڏي نظام سان لاڳاپيل رهيو آهي. پنجاب جي ميداني علائقن مان وهندي سنڌو درياهه آخرڪار ڏکڻ طرف سفر جاري رکي ٿو.

جنهن کان پوءِ سنڌو درياهه سڀ کان اهم ۽ تاريخي سفر سنڌ ۾ ٿئي ٿو، جتي هي درياهه صدين کان سنڌي جي زراعت ۽ آبادي جو بنيادي ذريعو رهيو آهي. اهو سکر، لاڙڪاڻو، دادو، نوابشاهه ۽ ٻين علائقن جي ويجهو وهو ٿو. سکر وٽ سنڌو تي وڏا آبپاشي نظام موجود آهن، جيڪي سنڌ جي زرعي معيشت لاءِ انتهائي اهم آهن.

سنڌو درياهه سنڌ ۾ هيٺاهين طرف وهندي ڪوٽڙي واري علائقي کان اڳتي وڌي ڊيلٽا جي شڪل اختيار ڪري ٿو. سنڌو ڊيلٽا دنيا جي اهم قدرتي علائقن مان هڪ آهي، جتي درياهه جو مٺو پاڻي سمنڊ سان ملي هڪ منفرد ماحولياتي نظام قائم ڪري ٿو.

سنڌو درياهه جو آخري سفر بحيره عرب (Arabian Sea) تائين آهي، جتي اهو سنڌو ڊيلٽا ٺاهي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هي ڊيلٽا دنيا جي اهم سامونڊي ماحولياتي علائقن مان هڪ آهي، جتي مينگرووز جا ٻيلا، سامونڊي جيوت ۽ هزارين سالن کان انساني آباديون موجود آهن.

سنڌو درياهه صرف پاڻيءَ جو وهڪرو نه، پر هڪ مڪمل تهذيبي ۽ معاشي نظام آهي. سنڌ جي تاريخ موهن جي دڙي کان وٺي جديد دور تائين سنڌو جي وهڪري سان جڙيل رهي آهي. سنڌ جي ماڻهن لاءِ سنڌو درياهه زمين، روزگار، ثقافت ۽ بقا جو بنيادي نشان آهي، اهو ئي سبب آهي جو ان جي پاڻيءَ جو منصفاڻو استعمال، قدرتي وهڪري جو تحفظ ۽ ڊيلٽا جي بقا هميشه اهم موضوع رهيا آهن.

You might also like