واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪيو آهي ته اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي ميزائل حملي کانپوءِ آمريڪا ايران کي ڏاڍو سخت جواب ڏيندو.
آمريڪي ميڊيا موجب، پنهنجي بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اردن ۾ آمريڪي اڏن تي ميزائل حملي کانپوءِ آمريڪا ايران خلاف سخت ڪارروائي ڪندو.
ٽرمپ چيو ته اسان کين(ايران) سخت جواب ڏينداسين، انهن کي وڏي قيمت چڪائڻي پوندي.“
ٽرمپ پنهنجي بيان دوران وڌيڪ سخت لهجو پڻ اختيار ڪيو.
واضح رهي ته ڪجهه ڪلاڪ اڳ اردن جي سرڪاري ميڊيا ٻڌايو هو ته ملڪ جي ائير ڊفينس سسٽم ايران مان فائر پنج ميزائل فضا ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيا.
اهو اعلان سينٽڪام جي ان دعويٰ کان ڪجهه ڪلاڪن پوءِ سامهون آيو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ايران طرفان اردن ڏانهن فائر ڪيل سمورا ميزائل ڪاميابي سان روڪي تباهه ڪيا ويا آهن.
You might also like