حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) خلاف جاري احتجاج ۾ نئون موڙ اچي ويو آهي. ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ احتجاجي ڪئمپ جو دورو ڪري شاگردن سان ايڪي جو اظهار ڪيو.
ان موقعي تي هن حڪومت کي 2 آگسٽ تائين ايس پي ايس سي جي چيئرمين ۽ ميمبرن کي هٽائڻ جو الٽيميٽم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته 3 آگسٽ تي شام 5 وڳي واڌو واهه گيٽ تي اڻڄاتل مدي تائين ڌرڻو هنيو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته شاگردن جي جائز مطالبن جي حمايت جاري رهندي ۽ انصاف ملڻ تائين احتجاج جو ساٿ ڏنو ويندو.
ٻئي پاسي سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي نمائندي وجاهت هڱورجو چيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف هلندڙ تحريڪ بابت فيصلي سازي جو اختيار رڳو شاگردن وٽ آهي.
هن چيو ته اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي جي ڪور ڪميٽي جو جيڪو به فيصلو هوندو، اهو ئي تحريڪ جو حتمي ۽ اصل فيصلو تصور ڪيو ويندو، جڏهن ته تحريڪ سان لاڳاپيل سمورا اهم فيصلا شاگردن جي صلاح مشوري سان ڪيا ويندا.