دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شُڀمَن گِل انگلينڊ خلاف ٽن ون ڊي ميچن ۾ 188 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ون ڊي بيٽرن جي رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي پهچي ويو آهي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل رانديگرن جي هفتيوار رينڪنگ موجب، شُڀمَن گِل پنهنجي ڪيريئر ۾ ٽيون ڀيرو ون ڊي بيٽرن جي عالمي رينڪنگ ۾ ٽاپ پوزيشن حاصل ڪئي آهي.
ون ڊي رينڪنگ ۾ نيوزيلينڊ جي ول ينگ گڏيل طور 38هين، ويسٽ انڊيز جي شرفين ردرفورڊ 13 درجا ترقي کانپوءِ 45هين ۽ ٽام ليٿم پنج درجا بهتري سان 46هين نمبر تي پهچي ويو.
بالرن جي ون ڊي رينڪنگ ۾ نميبيا جي برنارڊ شولٽز وڏو ٽپو هڻندي پنج درجا اڳتي وڌي ستين نمبر تي اچي ويو، هن نيڌرلينڊز خلاف 10 اوورن ۾ 21 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ ۽ نيپال خلاف 10 اوورن ۾ رڳو 14 رنسون ڏئي ڪا به وڪيٽ نه ورتي، جنهن سبب سندس رينڪنگ ۾ نمايان بهتري آئي.
ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي شڪست باوجود ڪجهه پاڪستاني رانديگرن جي رينڪنگ بهتر ٿي آهي.
بابر اعظم ٻي اننگز ۾ ناٽ آئوٽ 58 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ چار درجا بهتري بعد 15هين نمبر تي اچي ويو، جڏهن ته شان مسعود پنهنجي سينچري جي مدد سان اٺ درجا اڳتي وڌي 36هين نمبر تي پهچي ويو.
ويسٽ انڊيز جي شاءِ هوپ به 92 رنسن جي اننگز کانپوءِ 51هين مان 39هين نمبر تي اچي ويو.
بالرن ۾ محمد عباس ميچ ۾ مجموعي طور 8 وڪيٽون وٺڻ کانپوءِ 9 درجن ترقي ماڻيندي 17هين نمبر تي پهچي ويو، 2021ع کانپوءِ سندس پهريون ڀيرو ٽاپ 20 ۾ واپسي ٿي آهي.
ويسٽ انڊيز جي جسٽن گريوز 21 درجا بهتريءَ سان 48هين ۽ جيڊن سيلز پنج درجا ترقي ڪري 24هين نمبر تي پهچي ويو.
ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ ڀارت جي نوجوان بيٽر ويڀَو سوريا ونشي زمبابوي خلاف سيريز ۾ 151 رنسون ٺاهڻ ۽ پليئر آف دي سيريز بڻجڻ کانپوءِ وڏو ٽپو ڏئي 48هين نمبر تي پهچي ويو.
ان کانسواءِ تلڪ ورما ٻه درجا بهتري سان ڇهين،ڪپتان شرياس اَئيَر ست درجا اڳتي وڌندي 24هين، جڏهن ته بالرن ۾ بليسنگ مُزارباني ڏهه درجا ترقي ماڻيندي 26هين ۽ روي بشنوئي 31 درجا بهتريءَ سان 41هين نمبر تي پهچي ويو.
You might also like