سلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد پوليس ۾ ڀرتي لاءِ آيل هڪ اميدوار فزيڪل ٽيسٽ دوران اوچتو بيهوش ٿيڻ کانپوءِ فوت ٿي ويو.
پوليس موجب، ڀرتي ٽيسٽ لاءِ آيل 25 ورهين جو اسحاق ڊوڙ دوران اوچتو ڪري پيو ۽ بيهوش ٿي ويو، جنهن کي ايمبولينس ذريعي ترت پمز اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو.
اسلام آباد پوليس موجب، ڊاڪٽرن ٻڌايو ته نوجوان اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي دم ڏئي چڪو هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي اسحاق جو تعلق سراءِ نورنگ، ضلعي لڪي مروت سان هو.
You might also like