”ڌانڌلي جي ماسٽر مائينڊ پيپلز پارٽي هاڻي پاڻ روئي رهي آهي، قيامت ڪهڙي مهل ايندي؟“ بلاول جي الزامن تي مريم جو ردعمل

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ وزير مريم نواز آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) تي لڳايل ڌانڌلي جي الزامن جو جواب ڏيندي چيو آهي ته ” ڌانڌلي جي ماسٽر مائينڊ پيپلز پارٽي پاڻ ئي هاڻي ڌانڌلي جو راڳ آلاپي رهي آهي، قيامت ڪهڙي مهل ايندي؟“
مريم نواز سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڌانڌلي واردات جي ماسٽر مائينڊ پيپلز پارٽي اڄ ڌانڌلي جو پٽڻو پٽي رهي آهي.
ان کان اڳ پيپلز پارٽي پنجاب جي جنرل سيڪريٽري حسن مرتضيٰ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ سندن پارٽي سان ڌانڌلي ڪئي وئي، ظابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ۽ اليڪشن ڪميشن غيرجانبدار رهڻ بدران هڪ پارٽي جي ايجنٽ جو ڪردار ادا ڪيو.
حسن مرتضيٰ، مريم نواز جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته توهان جو والد ڪشمير وڃي پاڻ کي وزيراعظم بڻائڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، جڏهن ته اڄ جيڪڏهن توهان اهڙو مطالبو ڪري رهيا آهيو ته اهو به پيپلز پارٽي جي ڪري ممڪن ٿيو آهي.
هن چيو ته پيپلز پارٽي نواز شريف جي عزت ڪري ٿي، پر جيڪڏهن ڪو سندن عزت گهٽائي رهيو آهي ته اهو پاڻ ئي ڪري رهيو آهي.
حسن مرتضيٰ پنجاب حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته شاهدره کان مريدڪي تائين هزارين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ آهن، اهو ٻوڏ نه پر بند ٽٽڻ سبب ٿيو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ڪلاڪن جي برسات کانپوءِ لاهور جون گهٽيون نالن جو منظر پيش ڪن ٿيون، جڏهن ته حڪومت جي غلط پاليسين سبب ملڪ کي لکين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پئي آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ آزاد ڪشمير جي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ ڌانڌلي جا الزام لڳائي چڪو آهي.

You might also like